Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:5 - Muslim Sindhi Bible

5-6 عيسيٰ اتان جي ماڻهن جي ايمان جي گھٽتائيءَ ڪري ڪن ٿورن بيمارن تي هٿ رکي کين شفا بخشڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو ڏيکاري نہ سگھيو. انهن جي ايمان جي گھٽتائيءَ تي عيسيٰ کي ڏاڍو عجب لڳو. پوءِ هو آس‌پاس جي ڳوٺن ۾ ويو ۽ ماڻهن کي تعليم ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ اُتي هو ڪوبہ معجزو ڪري نہ سگهيو، سواءِ انهي کان تہ ٿورن بيمارن کي هٿ لائي شفا ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5-6 يسوع اتان جي ماڻهن جي وشواس جي گھٽتائيءَ ڪري ڪن ٿورن بيمارن تي هٿ رکي کين چڱو ڀلو ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ چمتڪار ڏيکاري نہ سگھيو. انهن جي وشواس جي گھٽتائيءَ تي يسوع کي ڏاڍو عجب لڳو. پوءِ هو آس‌پاس جي ڳوٺن ۾ ويو ۽ ماڻهن کي سکيا ڏيڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 عيسيٰ اتي ڪن ٿورن بيمار ماڻھن جي مٿان ھٿ رکي شفا بخشڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ معجزو ڪري نہ سگھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:5
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جلدي ڪر، اوڏانهن ڀڄي وڃ. جيستائين تون اتي نہ پهچندين تيستائين آءٌ ڪجھہ بہ نہ ٿو ڪري سگھان.“ سو انهيءَ شهر جو نالو صغر پئجي ويو، ڇاڪاڻ تہ لوط ان کي ننڍڙو ڪوٺيو.


جڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ڏٺو تہ هو کانئس کٽي نہ ٿو سگھي، تڏهن جيئن هو يعقوب سان ملهہ ٿي وڙهيو تہ سندس ران کي مروٽو ڏيئي جوڙ وٽان ڪڍي وڌائينس.


هن اتي گھڻا معجزا نہ ڪيا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي مٿس يقين ئي ڪونہ هو.


هو کيس ڏاڍيون منٿون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”منهنجي ننڍي ڌيءَ مرڻ تي آهي. مهرباني ڪري هلي هٿ گھمايوس تہ چڱي ڀلي ٿئي ۽ بچي پوي.“


عيسيٰ هن کي چيو تہ ”تنهنجي هنن لفظن تہ ’جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا،‘ جو مطلب ڇا آهي؟ ياد رک، جيڪو بہ خدا تي ايمان رکي ٿو تنهن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“


پُبليس جو پيءُ بخار ۽ پيچش جي ڪري بستري داخل هو. پولس هن جي ڪمري ۾ ويو ۽ دعا گھريائين. پوءِ مٿس پنهنجا هٿ رکي کيس شفا بخشيائين.


ڏسو، خدا کان آرام ملڻ واري خوشخبري جيئن بني اسرائيل وارن کي ٻڌائي ويئي، تيئن اسان کي بہ ٻڌائي ويئي. پر انهيءَ خوشخبريءَ واري پيغام مان انهن ڪو فائدو حاصل نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ ٻڌي ڪري انهيءَ تي اعتبار نہ رکيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ