Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:48 - Muslim Sindhi Bible

48 پوءِ جڏهن هن ڏٺو تہ واءُ سامهون گھُلڻ ڪري شاگردن کي ٻيڙيءَ جي ونجھہ هلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، تڏهن هو رات جي پوئين پهر پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو اچي انهن وٽان لنگھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

48 ۽ جڏهن ڏٺائين تہ هو ٻيڙي ڪاهي ڪاهي هلاک ٿيا آهن، ڇالاءِ جو واءُ کين اڻائو هو، تڏهن رات جي چوٿين پهر ڌاري، هو پاڻ سمنڊ تي پنڌ ڪري وٽن آيو، ۽ جيڪر کانئن لنگهي وڃي ها:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

48 پوءِ جڏهن هن ڏٺو تہ واءُ سامهون گھُلڻ ڪري چيلن کي ٻيڙيءَ جي ونجھہ هلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، تڏهن هو رات جي پوئين پهر پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو اچي انهن وٽان لنگھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

48 ھن ڏٺو تہ واءُ سامھون گھلڻ ڪري شاگردن کي ٻيڙيءَ جي ونجھہ ھلائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، تنھنڪري ھو رات جي پوئين پھر پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو اچي انھن وٽان لنگھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:48
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

کين چيائين تہ ”سائين! آءٌ اوهان جي خدمت لاءِ حاضر آهيان. مهرباني ڪري منهنجي گھر هلو. اتي هلي هٿ منهن ڌوئو ۽ رات رهو، صبح جو سوير اُٿي ڀلي پنهنجي دڳ سان وڃجو.“ پر هنن جواب ڏنس تہ ”نہ، اسين سڄي رات هتي شهر جي پڌر ۾ گذارينداسين.“


پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ چيس تہ ”هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ڇو تہ پرهہ ڦٽي ويئي آهي.“ تنهن تي يعقوب وراڻيس تہ ”آءٌ تيستائين تو کي وڃڻ نہ ڏيندس جيستائين تون مون کي برڪت نہ ڏيندين.“


اهو ئي آهي جيڪو اڪيلي سر آسمانن کي پکيڙي ٿو، ۽ سمنڊ جي ڇولين کي پنهنجي مٺ ۾ رکي ٿو.


تو پنهنجي ماڙين کي آسمان تي تعمير ڪيو آهي. تون ڪڪرن کي پنهنجي سواري بڻائين ٿو، ۽ واءُ جي بازن تي پرواز ڪرين ٿو.


پر اي خداوند! تون انهن بحرن جي گوڙ شور کان وڌيڪ قوي آهين. تون سمنڊن جي وڏين ڇولين کان بہ وڌيڪ طاقتور آهين. هائو، عرش عظيم تي سڀني جي مٿان قادر تون ئي آهين.


صبح جو پرهہ ڦٽڻ کان اڳ خداوند باهہ ۽ ڪڪر جي ٿنڀي منجھان مصرين جي لشڪر ڏانهن نهاريو ۽ انهن جي لشڪر کي مونجھاري ۾ وجھي ڇڏيائين.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي مصيبت ۽ طوفان جي ماريل يروشلم جي وسندي! جيڪا امن وَ سڪون کان محروم آهين، ڏس، آءٌ قيمتي پٿر جَڙي وري تو کي اڏيندس. آءٌ تنهنجا بنياد نيلم جا،


انهيءَ مهل تائين ٻيڙي گھڻو پنڌ پري نڪري ويئي هئي ۽ ڇولين جي ڪري لوڏا کائي رهي هئي، ڇاڪاڻ تہ واءُ ان جي سامهون هو.


انهيءَ لاءِ هي سمجھو تہ جيڪڏهن ڪنهن گھر جي مالڪ کي خبر هجي ها تہ چور رات جو ڪهڙي وقت ايندو، تہ جيڪر هو سجاڳ رهي ها ۽ پنهنجي گھر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ها.


تنهنڪري اوهين بہ سجاڳ رهجو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي خبر نہ آهي تہ گھر جو مالڪ ڪڏهن ايندو، الائجي سانجھيءَ جو يا اڌ رات جو يا ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ مهل يا صبح جو اچي.


رات ٿيڻ تائين ٻيڙي ڍنڍ جي وچ ۾ وڃي پهتي، جڏهن تہ عيسيٰ اڃا اڪيلو سڪيءَ تي هو.


شاگردن جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پاڻيءَ تي پنڌ ڪندي ڏٺو تڏهن سمجھيائون تہ اهو ڪو جن آهي، سو هو دهلجي ويا ۽ وٺي رڙيون ڪيائون. هُن هڪدم ساڻن ڳالهايو تہ ”ڊڄو نہ، آءٌ آهيان، دلجاءِ ڪريو.“


سو جيتوڻيڪ مالڪ اڌ رات يا پوئين پهر اچي تہ بہ انهن کي سجاڳ ڏسي، تہ اهي نوڪر ڪهڙا نہ سڀاڳا آهن.


جنهن ڳوٺ ڏانهن هو ويا پئي، تنهن کي جڏهن ويجھا ٿيا تہ عيسيٰ ائين هليو ڄڻ کيس اڃا اڳتي وڃڻو آهي.


اهي رواجي طرح جسماني خواهش يا انساني مرضيءَ سان خدا جا ٻار نہ ٿيا، پر خدا خود کين پنهنجو ٻار بڻايو.


ٻئي ڏينهن صبح جو سوير سائول پنهنجي ماڻهن جون ٽي ٽوليون ٺاهيون ۽ پرهہ ڦٽيءَ مهل دشمنن جي لشڪرگاهہ تي اچي حملو ڪيائين. جيستائين ڏينهن گرم ٿيو تيستائين هو عمونين کي ماريندا رهيا. پوءِ جيڪي عموني باقي بچيا سي ڀڄي ڪڻو ڪڻو ٿي ويا، ايتري قدر جو انهن مان ٻہ ڄڻا بہ ڪٿي گڏجي ڪين رهيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ