Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:31 - Muslim Sindhi Bible

31 ان وقت ايترا تہ ماڻهو اچن پيا جو عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي ماني کائڻ جو وقت بہ نہ ٿي مليو. تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”هلو تہ هتان ڪنهن نويڪلي جاءِ تي هلون، جتي هلي اوهين ٿورو وقت آرام ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 ۽ هن چين تہ اوهين پاڻ خلاصا ڪنهن ويران هنڌ تي هلو، ۽ ٿورو آرام ڪريو، ڇالاءِ جو ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ لڳي پيئي هئي، ۽ هنن کي ماني کائڻ جيتري بہ فرصت ڪانہ ٿي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 ان وقت ايترا تہ ماڻهو اچن پيا جو يسوع ۽ سندس چيلن کي رسوئي کائڻ جو وقت بہ نہ ٿي مليو. تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”هلو تہ هتان ڪنهن نويڪلي جاءِ تي هلون، جتي هلي اوهين ٿورو وقت آرام ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 ان وقت ايترا تہ ماڻھو اچن وڃن پيا جو عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي ماني کائڻ جو وقت بہ نہ ٿي مليو. تنھن تي ھن انھن کي چيو تہ ”ھلو تہ ھتان ڪنھن نويڪليءَ جاءِ تي ھلون، جتي ھلي اوھين ٿورو وقت آرام ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:31
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن عيسيٰ اها خبر ٻڌي تڏهن ڪجھہ وقت اڪيلائيءَ ۾ رهڻ لاءِ هڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي شاگردن سميت ڪنهن نويڪلي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويو. جڏهن ماڻهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ پنهنجا شهر ڇڏي پيرين پيادا هن جي پٺيان هليا.


پر هن وڃي اها ڳالهہ جتي ڪٿي ٻڌائي ڇڏي، جيڪا ايتري تہ پکڙجي ويئي جو پوءِ عيسيٰ ڪنهن بہ شهر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو. پر هو ٻاهر ويران جاين ۾ ٿي رهيو جتي سڀني هنڌن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.


پوءِ عيسيٰ هڪ گھر ۾ آيو. اتي بہ ايتري تہ خلق اچي مڙي جو عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي ماني کائڻ جي بہ واندڪائي نہ پئي ملي.


عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏجي گليل ڍنڍ جي پاسي نڪري ويو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ سندس پٺيان آيو. انهيءَ ميڙ ۾ گليل علائقي کان علاوہ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ، ادوم، اردن درياءَ جي اوڀر طرف، صور ۽ صيدا شهرن جي آس‌پاس وارن علائقن جا ماڻهو بہ شامل هئا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ عيسيٰ عجيب وَ غريب ڪم ٿو ڪري.


هڪ دفعي جڏهن عيسيٰ گليل ڍنڍ يعني تبرياس ڍنڍ جي هُن ڀر روانو ٿيو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ