Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:30 - Muslim Sindhi Bible

30 ٻارهن ئي رسول واپس اچي عيسيٰ وٽ گڏ ٿيا ۽ جيڪي ڪم ڪيا هئائون ۽ ماڻهن کي جيڪا تعليم ڏني هئائون، تنهن جو کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 پوءِ رسول يسوع وٽ وري اچي گڏ ٿيا، ۽ جيڪي ڪم ڪيا هئائون، ۽ جيڪا تعليم ڏني هئائون، تنهن سڀ جو بيان ڪري ٻڌايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

30 خوشخبري ٻڌائيندڙ ٻارهن ئي سنت واپس اچي يسوع وٽ گڏ ٿيا ۽ جيڪي ڪم ڪيا هئائون ۽ ماڻهن کي جيڪا سکيا ڏني هئائون، تنهن جو کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 رسول عيسيٰ وٽ واپس اچي گڏ ٿيا ۽ جيڪي ڪم ڪيا ھئائون ۽ ماڻھن کي جيڪا تعليم ڏني ھئائون، تنھن جو کيس سربستو احوال ڪري ٻڌايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:30
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نوڪر جيڪي ڪجھہ ڪيو هو سو سڀ ڪجھہ اسحاق کي ٻڌايائين.


هن انهن مان ٻارهن ڄڻا چونڊي کين رسول مقرر ڪيو. انهن کي چيائين تہ ”مون اوهان کي انهيءَ ڪري چونڊيو آهي تہ اوهين مون سان گڏ رهو. آءٌ اوهان کي تبليغ ڪرڻ لاءِ ٻاهر بہ موڪليندس


جڏهن يحيٰ جي شاگردن هي ٻڌو هو تہ هنن اچي لاش وٺي ان کي قبر ۾ دفن ڪيو هو.


پوءِ اهي ستر شاگرد ڏاڍا خوش ٿي موٽيا ۽ اچي عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي خداوند! اوهان جي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع ٿيا آهن.“


عيسيٰ کي رسولن چيو تہ ”اي خداوند! اسان جو ايمان وڌايو.“


جڏهن اها گھڙي اچي پهتي تہ عيسيٰ رسولن سان گڏجي دسترخوان تي ويٺو.


جن عورتن انهن سان اهي ڳالهيون ڪيون، سي هي هيون: مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ هيون.


جڏهن ڏينهن ٿيو تہ پنهنجي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏيائين. انهن مان هي ٻارهن ڄڻا چونڊي کين رسول مقرر ڪيائين:


اهي ٻارهن رسول جڏهن موٽي آيا، تڏهن عيسيٰ کي اهو سڄو احوال ڪري ٻڌايائون جيڪي هنن ڪيو هو. پوءِ عيسيٰ انهن کي پاڻ سان گڏ نويڪلو وٺي بيت‌صيدا نالي شهر ڏانهن روانو ٿيو.


پوءِ انهن ٻنهي جي لاءِ پُکو وڌائون. پُکو متياہ جي نالي نڪتو ۽ کيس يارهن رسولن جي ٽولي ۾ شامل ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ