Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 6:15 - Muslim Sindhi Bible

15 ٻيا وري چون پيا تہ ”هو الياس نبي آهي.“ ڪي چون پيا تہ ”هو اڳين نبين جهڙو هڪ نبي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 پوءِ ٻين چيو، تہ اهو ايلياہ آهي، ۽ ڪن چيو تہ ڪو نبي آهي، يعني نبين مان هڪڙي جهڙو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 ٻيا وري چون پيا تہ ”هو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ آهي.“ ڪي چون پيا تہ ”هو ايشور جو سنديش ڏيندڙ اڳين سنتن جهڙو هڪ سنت آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 ٻيا وري چون پيا تہ ”ھو الياس نبي آھي.“ ڪي چون پيا تہ ”ھو اڳين نبين جھڙو ھڪ نبي آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 6:15
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر منهنجي عظيم ۽ ڊيڄاريندڙ ڏينهن اچڻ کان اڳ ۾ آءٌ اوهان وٽ الياس نبي موڪليندس.


انهن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ الياس نبي آهيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ يرمياہ نبي يا ٻين نبين مان ڪوبہ هڪ آهيو.“


ميڙ مان جواب آيو تہ ”هي گليل جي ڳوٺ ناصرت وارو نبي عيسيٰ آهي.“


جڏهن هيروديس هي ٻڌو تہ چيائين تہ ”پوءِ پڪ سان هي يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو آهي، جنهن جي مون سسي لهرائي ڇڏي هئي. پر هاڻي هو وري جيئرو ٿيو آهي.“


انهن وراڻيو تہ ”ڪي ماڻهو چون ٿا تہ اوهين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ الياس نبي آهيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ ٻين نبين مان ڪوبہ هڪ آهيو.“


هو خداوند جي اچڻ لاءِ الياس نبيءَ جهڙي روح ۽ طاقت سان خدمت ڪندو، تہ جيئن هر ماءُ پيءُ جي دل کي اولاد ڏانهن ڦيري، نافرمانن کي نيڪن جي سياڻپ واري رستي تي آڻي خداوند لاءِ هڪڙي لائق قوم تيار ڪري.“


انهيءَ تي سڀني ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو ۽ هو خدا جي واکاڻ ڪري چوڻ لڳا تہ ”هڪڙو وڏو نبي اسان وٽ ظاهر ٿيو آهي. خدا پنهنجي قوم تي ٻاجھہ ڪئي آهي.“


تنهن تي فريسي، جنهن عيسيٰ جي دعوت ڪئي هئي سو هي ڏسي پنهنجيءَ دل ۾ چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏهن هي شخص نبي هجي ها تہ جيڪر سڃاڻي وٺي ها تہ هيءَ عورت جيڪا کيس هٿ ٿي لائي سا ڪهڙي قسم جي آهي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ تہ گنهگار آهي!“


شاگردن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ اوهين الياس آهيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوهين آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو جيئرو ٿي اٿيا آهيو.“


ڪن پئي چيو تہ ”الياس ظاهر ٿيو آهي“ ۽ وري ٻين پئي چيو تہ ”آڳاٽن نبين مان ڪو ٻيو وري جيئرو ٿيو آهي.“


انهن پڇيس تہ ”پوءِ تون ڪير آهين؟ ڇا تون الياس نبي آهين؟“ يحيٰ وراڻين تہ ”نہ، آءٌ الياس نہ آهيان.“ انهن چيو تہ ”ڇا ڀلا تون اهو نبي آهين، جيڪو اچڻو آهي؟“ يحيٰ وراڻين تہ ”نہ.“


انهن يحيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪڏهن تون نہ مسيح آهين، نڪي الياس نبي آهين ۽ نہ وري اچڻ وارو اهو نبي آهين تہ پوءِ تون ڇو ٿو بپتسما ڏين؟“


عيسيٰ جو اهو معجزو ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”سچ پچ هي اهو نبي آهي، جيڪو هن دنيا ۾ اچڻو آهي.“


ميڙ مان ڪيترن ئي ماڻهن سندس اهي ڳالهيون ٻڌي چيو تہ ”سچ پچ هي ماڻهو ئي اهو نبي آهي، جيڪو اچڻو آهي.“


ان کان پوءِ فريسين هڪ دفعو وري انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ هن تو کي ديد ڏني، هاڻ تون انهيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ هن وراڻيو تہ ”هو نبي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ