Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:40 - Muslim Sindhi Bible

40 تنهن تي اهي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. تنهنڪري هن سڀني کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ رڳو پنهنجي ٽن شاگردن ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ کي ساڻ ڪري اندر ويو جتي اها ڇوڪري پيئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

40 تنهن تي هو مٿس کِلڻ لڳا. پر هن سڀني کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، ۽ رڳو ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءُ ۽ پنهنجن ساٿين کي پاڻ سان ڪري، اندر گهڙي انهي هنڌ ويو، جتي اُها ڇوڪري پيئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 تنهن تي اهي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. تنهنڪري هن سڀني کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ رڳو پنهنجي ٽن چيلن ۽ ڪنيا جي ماتا پتا کي ساڻ ڪري اندر ويو جتي اها ڪنيا پيئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

40 تنھن تي اھي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. تنھنڪري ھن سڀني کي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو. رڳو پنھنجن ساٿين ۽ ڇوڪريءَ جي ماءُ⁠پيءُ کي ساڻ ڪري اندر ويو جتي اھا ڇوڪري پيئي ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:40
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ لوط پنهنجن ڄاٽن وٽ ويو جن سان سندس ڌيئرن جي شادي ٿيڻي هئي. انهن کي چيائين تہ ”جلدي ڪريو ۽ هتان نڪري هلو، ڇاڪاڻ تہ خداوند هيءُ شهر برباد ڪندو.“ پر انهن سمجھيو تہ هو چرچا ٿو ڪري.


هن اندران دروازو بند ڪيو ۽ خداوند کان دعا گھرڻ لڳو.


پر جڏهن سنبلط حوروني، طوبياہ ۽ جشم نالي هڪ عرب اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اسان تي کل ٺٺوليون ڪندي حقارت وچان اسان کان پڇيائون تہ ”اهو ڪهڙو ڪم آهي، جيڪو اوهين ڪريو ٿا؟ اوهين شهنشاهہ جي خلاف بغاوت ڪندءُ ڇا؟“


آءٌ اهو ماڻهو آهيان، جيڪو دوستن جي کل ٺٺولين جو نشانو بڻيو آهيان. جيتوڻيڪ آءٌ سچار ۽ ڪامل انسان آهيان، ۽ ڪڏهن تہ آءٌ خدا کان دعا گھرندو هئس تہ اهو منهنجي ٻڌندو هو، تنهن جي باوجود اڄ آءٌ کل ٺٺولين جو نشانو بڻجي ويو آهيان.


جيڪي مون کي ڏسن ٿا سي مون تي کلندا ٿا وتن. هو منهنجا چٻرا ٿا ڪڍن ۽ ڪنڌ کي لوڏو ڏيئي هيئن چون ٿا تہ


تہ جيڪا بہ شيءِ وات مان اندر ٿي وڃي سا انسان کي پليت نہ ٿي ڪري. پر جيڪا شيءِ وات مان نڪري ٿي سا ئي انسان کي پليت ڪري ٿي.“


اوهين پاڪ شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“


گھر ۾ داخل ٿيندي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين هُل ڇو ٿا ڪريو ۽ ڇو ٿا روئو رڙو؟ ڇوڪري مئي تہ ڪانهي پر ستي پيئي آهي.“


هن ڇوڪريءَ جي هٿ کي پڪڙي کيس چيو تہ ”تليٿا قُومي،“ جنهن جي معنيٰ آهي تہ ”اي ننڍڙي نينگري! اُٿ.“


فريسي، جن کي دولت سان پيار هو، سي عيسيٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا.


جڏهن انهن پولس جي واتان مئلن مان وري جيئرو ٿيڻ جو ٻڌو تہ ڪي مٿس ٺٺوليون ڪرڻ لڳا. پر ڪن چيو تہ ”اسين ڪنهن ٻئي وقت اوهان کان هن بابت ڪجھہ وڌيڪ ٻڌڻ چاهيون ٿا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ