Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:35 - Muslim Sindhi Bible

35 عيسيٰ اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ يائرس جي گھران ڪي ماڻهو آيا، جن اچي يائرس کي ٻڌايو تہ ”اوهان جي ڌيءَ مري ويئي آهي. سو هاڻي استاد کي وڌيڪ تڪليف نہ ڏيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 اڃا هن ڳالهايو ئي پئي، تہ عبادتخاني جي سردار جي گهر مان ڪن ماڻهن اچي چيو تہ تنهنجي نياڻي مري ويئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

35 يسوع اڃا ڳالهائي ئي رهيو هو تہ يائرس جي گھران ڪي ماڻهو آيا، جن اچي يائرس کي ٻڌايو تہ ”اوهان جي ڌيءَ مري ويئي آهي. سو هاڻي گروءَ کي وڌيڪ تڪليف نہ ڏيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

35 عيسيٰ اڃا ڳالھائي رھيو ھو تہ اوڏيءَ مھل يائرس جي گھران ماڻھو آيا، جن اچي يائرس کي ٻڌايو تہ ”تنھنجي ڌيءَ مري ويئي، ھاڻي استاد کي وڌيڪ تڪليف نہ ڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:35
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

عيسيٰ سندن اها ڳالهہ ٻڌي چيو تہ ”اوهين هن عورت کي ڇو ٿا ستايو؟ هن منهنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آهي،


عيسيٰ هنن کي چيو تہ ”يروشلم شهر ۾ فلاڻي ماڻهوءَ وٽ وڃو ۽ منهنجي لاءِ کيس ٻڌايو تہ ’استاد چوي ٿو تہ سندس وقت اچي ويجھو ٿيو آهي. هو پنهنجي شاگردن سميت عيد فصح اوهان جي گھر ۾ ملهائيندو.‘“


جڏهن عيسيٰ انهن کي هي چئي رهيو هو تڏهن يهودين جي مقامي عبادت‌خاني جو هڪڙو اڳواڻ وٽس آيو ۽ سجدو ڪري چيائينس تہ ”هينئر ئي منهنجي ڌيءَ مُئي آهي، پر اوهين هلي هٿ لائيندؤس تہ هوءَ جيئري ٿي پوندي.“


عيسيٰ جڏهن رستي سان ويو پئي تہ هڪڙو ماڻهو ڀڄندو وٽس آيو ۽ سندس اڳيان گوڏا کوڙي پڇيائينس تہ ”اي نيڪ استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪريان؟“


انهيءَ ۾ يائرس نالي هڪ شخص بہ هو، جيڪو يهودين جي مقامي عبادت‌خاني جو هڪڙو اڳواڻ هو، سو عيسيٰ کي ڏسندي ئي سندس پيرن تي ڪري پيو.


اڃا هن ڳالهايو ئي بيٺي تہ عبادت‌خاني جي انهيءَ اڳواڻ يائرس جي گھر کان ڪنهن اچي کيس چيو تہ ”تنهنجي ڌيءَ مري ويئي. هاڻي استاد کي تڪليف نہ ڏي.“


مارٿا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ نہ مري ها.


عيسيٰ کيس چيو تہ ”قيامت ۽ زندگي تہ آءٌ آهيان. جيڪو بہ مون تي ايمان رکي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ زندہ رهندو


هن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنهنجي ڀيڻ مريم کي پنهنجي منهن سڏي چيائين تہ ”ادي! استاد آيو آهي ۽ تو کي سڏي ٿو.“


جڏهن مريم عيسيٰ وٽ پهتي ۽ هن کي ڏٺائين تہ پيرن تي ڪري پيس ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ها.“


عيسيٰ چيو تہ ”هن پٿر کي پري هٽايو.“ فوتيءَ جي ڀيڻ مارٿا کيس چيو تہ ”اي خداوند! اندر تہ بانس هوندي، ڇاڪاڻ تہ هن کي دفن ڪئي چار ڏينهن گذري ويا آهن.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ اها گھڙي اچي رهي آهي بلڪ اچي پهتي آهي، جڏهن مئل ماڻهو خدا جي فرزند جو آواز ٻڌندا ۽ جيڪي ٻڌندا سي جيئرا ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ