Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:29 - Muslim Sindhi Bible

29 عيسيٰ جي ڪپڙن کي هٿ لائڻ سان ئي سندس رت وهڻ بند ٿي ويو ۽ هوءَ پاڻ کي تندرست سمجھڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 ۽ يڪدم رت وهڻ بند ٿي ويس، ۽ پاڻ ۾ سمجهيائين تہ هاڻ آئون انهي آزار کان ڇُٽي آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 يسوع جي ڪپڙن کي هٿ لائڻ سان ئي سندس رت وهڻ بند ٿي ويو ۽ هوءَ پاڻ کي چڱو ڀلو سمجھڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 پوءِ جلد ئي سندس رت وھڻ بند ٿي ويو ۽ ھوءَ پاڻ کي تندرست سمجھڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:29
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار پوي، يا وبا پوي، يا جھولو لڳي يا فصلن ۾ رتي پوي، ماڪڙ کائي يا جيت لڳي، يا جڏهن سندن دشمن سندن شهرن کي گھيري هيٺ آڻين، مطلب تہ ڪهڙي بہ آفت يا ڪهڙي بہ بيماري اچي پوي،


هائو، هو ئي تہ آهي جيڪو منهنجا سمورا گناهہ معاف ٿو ڪري. هو ئي تہ آهي جيڪو منهنجي سمورن مرضن کان مون کي شفا ٿو ڏئي.


هن پنهنجي حڪم سان کين شفا بخشي هئي، ۽ کين برباديءَ کان بچايو هئائين.


ٽٽل دلين کي هو ئي شفا بخشي ٿو، انهن جي زخمن کي هو ئي پٽيون ٻڌي ٿو.


اي خداوند، منهنجا خدا! مون مدد لاءِ تو کي پڪاريو، ۽ تو منهنجي پڪار تي مون کي شفا بخشي.


خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“


پر جيڪڏهن ڪاهن اچي چڪاسي ڏٺو هجي تہ گھر کي ليپو ڏيارڻ کان پوءِ انهيءَ ۾ سينور جو مرض ٻيهر ڪونہ پکڙيو آهي، تڏهن هو انهيءَ گھر کي پاڪ قرار ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اهو مرض نڪري ويو آهي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن عورت جي ماهواريءَ وقت ساڻس هم‌بستر ٿئي ٿو ۽ خون واري انهيءَ حالت ۾ هو اهڙو ڪم ڪن ٿا تہ اهي ٻيئي ڏوهاري آهن، سو انهن ٻنهي کي قوم مان خارج ڪيو وڃي.


هلندي هلندي هڪڙي عورت، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو تنهن عيسيٰ جي پٺيان اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي هٿ لاتو.


جيئن تہ هن گھڻن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو، تنهنڪري جن کي بہ بيماري هئي سي کيس هٿ لائڻ لاءِ هڪٻئي کي ڌِڪيندا اڳتي وڌن پيا.


ڇاڪاڻ تہ هوءَ دل ۾ چوي پيئي تہ ”جيڪڏهن مون رڳو سندس ڪپڙن کي بہ هٿ لاتو تہ آءٌ چاق ٿي وينديس.“


تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنهنجي ايمان تو کي ڇٽايو آهي، سو خوش ٿيءُ جو هاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“


انهيءَ گھڙيءَ عيسيٰ گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو پئي ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو پئي ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ