Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:22 - Muslim Sindhi Bible

22 انهيءَ ۾ يائرس نالي هڪ شخص بہ هو، جيڪو يهودين جي مقامي عبادت‌خاني جو هڪڙو اڳواڻ هو، سو عيسيٰ کي ڏسندي ئي سندس پيرن تي ڪري پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ عبادتخاني جي سردارن مان هڪڙو يائرس نالي آيو؛ ۽ کيس ڏسي پيرين پيس،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 انهيءَ ۾ يائرس نالي هڪ شخص بہ هو، جيڪو يهودين جي ڀڳتيءَ واري مقامي جاءِ جو هڪڙو اڳواڻ هو، سو يسوع کي ڏسندي ئي سندس پيرن تي ڪري پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 يھودين جي مقامي عبادت⁠خاني جو يائرس نالي ھڪڙو اڳواڻ عيسيٰ کي ڏسي سندس پيرن تي ڪري پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:22
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماءُ مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي ان کي سجدو ڪيائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.


هاڻي جڏهن ان عورت سمجھيو تہ هوءَ تندرست ٿي پئي آهي، تڏهن ڊڄندي ۽ ڏڪندي آئي ۽ عيسيٰ جي پيرن تي هٿ رکي کيس سڄي ڳالهہ ڪري ٻڌايائين.


جڏهن اهي يائرس جي گھر وٽ پهتا تہ عيسيٰ ڏٺو تہ گھر ۾ ماتم لڳو پيو آهي ۽ ماڻهو ڏاڍيان روئن پٽين پيا.


اهو ڏسي عبادت‌خاني جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ تہ عيسيٰ سبت جي ڏينهن بيمار کي شفا بخشي هئي. تنهنڪري هو ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ ”هفتي ۾ ڇهہ ڏينهن آهن جن ۾ ڪم ڪار ڪرڻ جائز آهي. سو انهن ڏينهن تي ڀلي اچو ۽ شفا پايو، پر سبت جي ڏينهن تي نہ.“


جڏهن شمعون پطرس هي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ عيسيٰ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! مون وٽان هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ گنهگار آهيان.“


هن جڏهن عيسيٰ کي ڏٺو تڏهن رڙيون ڪندي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳس تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! مون سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“


جڏهن اتي توريت ۽ پاڪ ڪلام جون ٻيون لکتون پڙهيون ويون، تڏهن عبادت‌خانن جي اڳواڻن هنن ڏانهن اشارو ڪري چوايو تہ ”اي ڀائرؤ! جيڪڏهن ماڻهن جي نصيحت لاءِ اوهان کي ڪا ڳالهہ ٻڌائڻي آهي تہ ٻڌايو.“


تنهن تي انهن سڀني گڏجي عبادت‌خاني جي اڳواڻ سوسٿنيس کي پڪڙي کيس درٻار جي اڳيان مار ڪُٽ ڪئي. پر گَليوءَ کي انهن ڳالهين جي ڪابہ پرواهہ ڪانہ هئي.


عبادت‌خاني جي اڳواڻ ڪرسپس پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت خداوند عيسيٰ تي ايمان آندو. ڪرنٿس جي ٻين بہ ڪيترن ئي رهاڪن پولس جو پيغام ٻڌي ايمان آندو ۽ بپتسما ورتائون.


آءٌ يوحنا اهو آهيان جنهن اهي ڳالهيون ٻڌيون ۽ ڏٺيون. سو جڏهن مون ٻڌو ۽ ڏٺو تڏهن انهيءَ ملائڪ جي پيرن تي ڪري سجدو ڪرڻ لڳس، جنهن مون کي اهي ڳالهيون ڏيکاريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ