Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:2 - Muslim Sindhi Bible

2 اڃا عيسيٰ ٻيڙيءَ تان لٿو ئي مس تہ هڪڙو ڀوت ورتل ماڻهو غارن واري قبرستان مان نڪتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ اڃا ٻيڙيءَ تان مس لٿو، تہ يڪدم هڪڙو ماڻهو جنهن ۾ ڀوت هو سو قبرستان مان نڪري اچي گڏيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 اڃا يسوع ٻيڙيءَ تان لٿو ئي مس تہ هڪڙو ڀوت ورتل ماڻهو غارن واري قبرستان مان نڪتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 اڃا عيسيٰ ٻيڙيءَ تان لٿو ئي مس تہ ھڪڙو ڀوت ورتل ماڻھو غارن واري قبرستان مان نڪري اچي ساڻس مليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

رات جو اهي غارن ۽ مقبرن ۾ وڃي مئلن جي روحن سان صلاح مشورا ٿا ڪن. اهي سوئر جو گوشت ٿا کائين، ۽ پنهنجن ٿانون ۾ اهڙو شوربو ٿا پيئن، جيڪو بتن تي قربان ڪيل ڪراهت جهڙين شين مان ٺهيل آهي.


ايتري ۾ ڀوت ورتل هڪڙو ماڻهو عبادت‌خاني ۾ رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ


تڏهن ڀوت ماڻهوءَ کي خوب جھنجھوڙيو ۽ زور سان رڙ ڪندي هن مان نڪري ويو.


عيسيٰ اهو انهيءَ ڪري چيو جو ڪن چيو پئي تہ ”هن ۾ ڀوت آهي.“


جيئن تہ ماڻهن جو گھڻو ڳاهٽ هو تنهنڪري عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”منهنجي لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار رکو، متان ماڻهو مون کي ڳاهي نہ ڇڏين.“


عيسيٰ وري گليل ڍنڍ جي ڪناري تي تعليم ڏيڻ لڳو. سندس چوڌاري ايترا تہ ماڻهو اچي مڙيا جو هو پاڻ ڍنڍ ۾ هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ويٺو ۽ سڄي خلق ڪناري تي بيٺي رهي.


پوءِ هنن خلق کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ جنهن ٻيڙيءَ ۾ عيسيٰ اڳي ئي ويٺل هو، تنهن ۾ چڙهي ساڻس گڏ روانا ٿيا. ٻيون ٻيڙيون بہ انهيءَ ٻيڙيءَ سان گڏ هليون.


عيسيٰ جڏهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهي وري ٻيءَ ڀر موٽيو تہ ڍنڍ جي ڪناري تي ماڻهن جو وڏو ميڙ ڦري آيس.


هو قبرستان ۾ رهندو هو ۽ کيس زنجيرن سان بہ ڪو ٻڌي نہ ٿي سگھيو.


هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو عيسيٰ کيس انهيءَ ماڻهوءَ مان نڪري وڃڻ لاءِ پئي چيو.


هڪڙي عورت جنهن جي ننڍڙي ڌيءَ ۾ ڀوت هو، تنهن کي جڏهن عيسيٰ جي اچڻ جي خبر پيئي تہ اها هڪدم وٽس آئي ۽ اچي پيرن تي ڪريس.


جڏهن عيسيٰ سڪيءَ تي آيو تہ کيس شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو، جنهن ۾ ڀوت هئا. هو ڪيترن ڏينهن کان نہ ڪپڙا پائيندو هو، نڪي گھر ۾ رهندو هو، پر قبرستان ۾ گذاريندو هو.


جڏهن ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھُٽيائينس. پر عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پيءُ جي حوالي ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ