Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:15 - Muslim Sindhi Bible

15 هو عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر هو سو اتي ويٺو آهي ۽ ڪپڙا پاتل اٿس ۽ پوري هوش حواس ۾ آهي. تڏهن سڀيئي ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 ۽ اچي ڏسن تہ اُهو ڀوتاريل ماڻهو، يعني جنهن ۾ ڀوتن جو لشڪر هو، سو يسوع وٽ ڪپڙا پهري، پوري هوش ۾ ويٺو آهي، تڏهن ڊپ وٺي وين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 هو يسوع وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر هو سو اتي ويٺو آهي ۽ ڪپڙا پاتل اٿس ۽ پوري هوش حواس ۾ آهي. تڏهن سڀيئي ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 ھو عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنھن ماڻھوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر ھو سو اتي ويٺو آھي ۽ ڪپڙا پيل اٿس ۽ پوري ھوش ۾ آھي. تڏھن سڀيئي ڊڄي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:15
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود انهيءَ ڏينهن خدا کان ڏاڍو ڊنو ۽ چيائين تہ ”هاڻ ڪهڙيءَ طرح آءٌ خدا جي عهد واري صندوق پاڻ سان کڻي وڃان؟“


اڳئين ڀيري جڏهن اوهان پاڻ انهيءَ کي نہ کنيو هو، تڏهن خداوند اسان جو خدا اسان تي ڏمريو هو، ڇاڪاڻ تہ اسان کانئس پڇا ڪانہ ڪئي هئي تہ اها ڪهڙيءَ طرح کڻي هلون.“


پوءِ ڇا هن جو دٻدٻو اوهان کي ڊيڄاري نہ وجھندو؟ ڇا هن جو رعب اوهان تي ڪين ويهجي ويندو؟


مگر اهي سڀ تڏهن خوف وچان ڏڪي ويندا، جڏهن هو خدا کي سچارن سان گڏ ڏسندا.


ڪوبہ ماڻهو ڪنهن طاقتور ماڻهوءَ جي گھر ۾ گھڙي سندس ملڪيت تيستائين ڦُري نہ سگھندو، جيستائين هو ان طاقتور ماڻهوءَ کي ٻڌي سوگھو نہ ڪندو. تنهن کان پوءِ ئي هو سندس گھر ڦُري سگھندو.


تون نہ ٿو ڄاڻي ڇا تہ آءٌ پنهنجي پيءُ کي عرض ڪري ٿو سگھان تہ هو هينئر ئي منهنجي مدد لاءِ ٻارهن لشڪرن کان بہ مٿي ملائڪ موڪلي ڏئي؟


انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


جڏهن عيسيٰ انهيءَ مان ڀوت ڪڍيو تڏهن اهو گونگو ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. اهو ڏسي خلق عجب ۾ پئجي ويئي ۽ چوڻ لڳي تہ ”اسان بني اسرائيل قوم ۾ اڳي ائين ٿيندي ڪونہ ڏٺو آهي.“


جيڪي ماڻهو سوئرن جو ڌڻ چاري رهيا هئا، سي ڀڄي ويا ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اها ڳالهہ ٻڌايائون. تڏهن ماڻهو هن واقعي کي ڏسڻ لاءِ نڪري آيا.


جن اهو واقعو اکين سان ڏٺو هو تن کين ڀوتن ۽ سوئرن بابت سڄي ڳالهہ ڪري ٻڌائي.


پوءِ جڏهن عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو پئي تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ اڳ ڀوت هئا تنهن اچي منٿ ڪيس تہ ”مون کي بہ پاڻ سان وٺي هلو.“


هن کي ڪيترائي دفعا لوهہ جي ڪڙين ۽ زنجيرن ۾ ٻڌو ويو هو، پر هن انهن زنجيرن کي ٽوڙي ۽ ڪڙين کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هو. ڪوبہ مٿس قابو پئجي نہ ٿي سگھيو.


عيسيٰ پڇيس تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ ماڻهوءَ جواب ڏنو تہ ”منهنجو نالو لشڪر آهي، ڇاڪاڻ تہ اسين گھڻا ڀوت آهيون.“


ان عورت جي مريم نالي هڪ ڀيڻ هئي، جنهن عيسيٰ جي پيرن وٽ ويهي سندس ڳالهيون پئي ٻڌيون.


جڏهن عيسيٰ سڪيءَ تي آيو تہ کيس شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو، جنهن ۾ ڀوت هئا. هو ڪيترن ڏينهن کان نہ ڪپڙا پائيندو هو، نڪي گھر ۾ رهندو هو، پر قبرستان ۾ گذاريندو هو.


هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري فرزند جي بادشاهيءَ ۾ آندو،


ائين ڪندو رهہ، ڇاڪاڻ تہ خدا اسان کي بزدليءَ وارو روح نہ ڏنو آهي، پر طاقت وارو، محبت وارو ۽ خود ضابطي وارو روح ڏنو اٿس.


سموئيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو هئس. هو جڏهن بيت‌لحم ۾ آيو تہ شهر جا اڳواڻ ڏڪندا سندس استقبال لاءِ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون خير سان تہ آيو آهين؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ