Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 5:12 - Muslim Sindhi Bible

12 سو عيسيٰ کي ڀوتن منٿ ڪئي تہ ”مهرباني ڪري اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن ۾ گھڙي وڃون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ هو کيس منٿ ڪري چوڻ لڳا تہ اسان کي سوئرن ۾ گهڙڻ جي موڪل ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 سو يسوع کي ڀوتن وينتي ڪئي تہ ”مهرباني ڪري اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن ۾ گھڙي وڃون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 عيسيٰ کي ڀوتن منٿ ڪئي تہ ”مھرباني ڪري اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن ۾ گھڙي وڃون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 5:12
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هاڻي تون پنهنجو هٿ ڊگھيري سندس جان کي نقصان پهچاءِ، پوءِ ڏس تہ هو ڪيئن نہ تنهنجي منهن تي تنهنجي خلاف ڪفر ٿو ڳالهائي.“


انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي عيسيٰ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


اوهين پاڪ شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“


اتي ٽڪر جي پاسي ۾ سوئرن جو هڪ وڏو ڌڻ چري رهيو هو.


عيسيٰ انهن کي موڪل ڏني ۽ ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا. تڏهن ٻہ هزار سوئرن جو اهو سڄو ڌڻ ٽڪر جي چوٽيءَ تان هيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ متان اسين شيطان جي فريب ۾ ڦاسي پئون، ڇوجو اسين سندس چالاڪيءَ کان واقف آهيون.


هوشيار ۽ سجاڳ رهو. اوهان جو دشمن ابليس گجندڙ شينهن وانگر چوڌاري ڦري وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنهن کي چيري ڦاڙي کائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ