Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 4:37 - Muslim Sindhi Bible

37 اوچتو ئي هڪڙو وڏو طوفان آيو ۽ ڇولين ٻيڙيءَ تي اهڙو تہ سٽڪو لائي ڏنو جو ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجي ٻڏڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

37 پوءِ اچي هڪڙو وڏو طوفان لڳو، ۽ لهرن ٻيڙيءَ تي اهڙو سٽڪو لائي ڏنو، جو ٻيڙي ڀرجڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

37 اوچتو ئي هڪڙو وڏو طوفان آيو ۽ ڇولين ٻيڙيءَ تي اهڙو تہ سٽڪو لائي ڏنو جو ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجي ٻڏڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

37 اوچتو ئي ھڪڙو وڏو طوفان آيو ۽ ڇولين ٻيڙيءَ تي اھڙو تہ سٽڪو لائي ڏنو جو ٻيڙي پاڻيءَ سان ڀرجي ٻڏڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 4:37
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي خداوند شيطان کي چيو تہ ”ٺيڪ آهي، هن وٽ جيڪي ڪجھہ آهي سو سڀ تنهنجي اختيار ۾ آهي. پر رڳو سندس جان کي نقصان نہ پهچائجانءِ.“ تڏهن شيطان خداوند جي حضور مان هليو ويو.


تہ اوچتو ئي اوچتو بيابان جي پاسي کان سخت واءُ اچي ڪڙڪيو، جنهن جي زور کان اهو گھر انهن مٿان ڪري پيو ۽ اهي سڀ مري ويا. رڳو آءٌ ئي بچي نڪتو آهيان، جو توهان کي اچي خبر ڏني اٿم.“


پر خداوند سمنڊ تي وڏي زور سان هڪ واءُ موڪليو ۽ ايترو تہ طوفان آيو جو سامونڊي جهاز جي ڀڄي پوڻ جو امڪان هو.


پوءِ هنن خلق کي روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ جنهن ٻيڙيءَ ۾ عيسيٰ اڳي ئي ويٺل هو، تنهن ۾ چڙهي ساڻس گڏ روانا ٿيا. ٻيون ٻيڙيون بہ انهيءَ ٻيڙيءَ سان گڏ هليون.


عيسيٰ ٻيڙيءَ جي پوئين حصي تي وِهاڻي کي ٽيڪ ڏيئي ستو پيو هو تہ شاگردن کيس جاڳائي چيو تہ ”اي استاد! اسين مرڻ تي آهيون ۽ اوهان کي ڪو خيال ئي نہ ٿو ٿئي؟“


تڏهن جهاز هڪڙي هنڌ اچي واريءَ ۾ ڦاٿو جو سندس اڳيون حصو قابو ٿي پيو، پر پويون حصو ڇولين جي سٽڪي لڳڻ ڪري ڀڄڻ لڳو.


ٽي دفعا مون کي لڪڻن سان مار ملي، هڪ دفعو پٿر هنيا ويا، ٽي دفعا سامونڊي جهاز ڀڄڻ جي مصيبت ۾ ڦاٿس ۽ هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن وچ سمنڊ ۾ لڙهندو رهيم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ