Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 4:26 - Muslim Sindhi Bible

26 عيسيٰ وري ماڻهن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”خدا جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙو ماڻهو پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ هن چيو، تہ خدا جي بادشاهت ائين آهي، جيئن ڪو ماڻهو زمين ۾ ٻج پوکي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 يسوع وري ماڻهن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”ايشور جي راڄ جو مثال هن ريت آهي تہ هڪڙو ماڻهو پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 عيسيٰ ٻڌايو تہ ”خدا جي بادشاھت ان ماڻھوءَ مثل آھي، جيڪو پنھنجي ٻنيءَ ۾ ٻج ڇٽي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 4:26
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بدڪار ماڻهو حقيقت ۾ ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿا ڪن، مگر نيڪي ڪندڙن کي انهيءَ جو اجر ضرور ملي ٿو.


جيڪو ماڻهو هوا ۽ موسم جي صحيح وقت جو انتظار ڪندو رهي ٿو، سو بہ ڪڏهن ڪڏهن نڪي ڪجھہ پوکي سگھي ٿو، ۽ نہ وري ڪجھہ لڻي سگھي ٿو.


صبح توڙي شام پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻج پوکيندا رهو، ڇاڪاڻ تہ ڪنهن کي ڪهڙي خبر تہ انهن مان ڪهڙو داڻو ڦٽي نڪرندو، ڪجھہ داڻا يا سمورو ٻج ڦٽي نڪرندو.


تڏهن اهي ئي ماڻهو سڀاڳا هوندا، جن ٻهراڙين ۾ رهي ندين جي ڀرسان فصل پوکيا هوندا، جتي سندن گڏهن ۽ ڍورن ڍڳن جا چراگاهہ هوندا.


عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوهان کي تہ آسمان جي بادشاهيءَ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي پر انهن کي نہ،


عيسيٰ ميڙ کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان جي بادشاهيءَ جو مثال هن ريت آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪڻڪ جو سٺو ٻج پوکيو.


هو انهن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون مثالن سان ٻڌائڻ لڳو. هن چيو تہ ”هڪ هاري ٻج ڇٽڻ ويو.


عيسيٰ انهن کي ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان جي بادشاهي سرنهن جي داڻي مثل آهي، جيڪو کڻي ماڻهو پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکي ٿو.


عيسيٰ انهن کي هڪڙو ٻيو مثال ٻڌايو تہ ”آسمان جي بادشاهي خمير مثل آهي، جيڪو ڪنهن عورت کڻي جڏهن اٽي جي پاٽ ۾ ملايو تہ سڄو اٽو ڦونڊجي پيو ۽ پاٽ ڀرجي ويئي.“


”توبهہ ڪريو جو آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.“


سو انهيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنهنجي پيغام جي تبليغ ڪرڻ لڳو تہ ”پنهنجن گناهن کان توبهہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.“


هائو، جنهن وٽ آهي تنهن کي وڌيڪ ڏنو ويندو ۽ جنهن وٽ ڪجھہ بہ نہ آهي تنهن کان اهو بہ کسيو ويندو جيڪو وٽس آهي.“


هو رات جو سمهي ٿو ۽ ڏينهن جو جاڳي ڪم ڪار ڪري ٿو، جڏهن تہ ٻج اهڙيءَ طرح ڦٽي هلي ٿو جو هن کي ان جي خبر ئي نہ ٿي پوي.


پوءِ عيسيٰ چوڻ لڳو تہ ”خدا جي بادشاهي ڇا جي مثل آهي. ان کي آءٌ ڇا سان ڀيٽيان.


”ٻڌو! انهيءَ مثال جو مطلب هي آهي تہ ٻج آهي خدا جي بادشاهيءَ جو پيغام.


”هڪڙو هاري ٻج ڇٽڻ ويو. ٻج ڇٽيندي ڪي داڻا رستي تي ڪريا، جيڪي لتاڙجي ويا ۽ پکي انهن کي چُڳي ويا.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيستائين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ پورجي نہ ٿو تيستائين اڪيلو ٿو رهي. پر جي پورجي ٿو تہ ڪيترائي داڻا پيدا ڪري ٿو.


جيڪي ماڻهن ۾ صلح ٿا ڪرائين، سي صلح سان گڏ اهڙو ٻج ٿا پوکين، جيڪو سچائيءَ جو ڦل پيدا ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ