Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 3:35 - Muslim Sindhi Bible

35 ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ خدا جي مرضيءَ موجب هلندو سو منهنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 ڇالاءِ تہ جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب هلندو، سو ئي منهنجو ڀاءُ ۽ ڀيڻ ۽ ماءُ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

35 ڇاڪاڻ تہ جيڪو بہ ايشور جي مرضيءَ موجب هلندو سو منهنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماتا آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

35 ڇالاءِ⁠جو جيڪوبہ خدا جي مرضيءَ موجب ھلندو سو منھنجو ڀاءُ، ڀيڻ ۽ ماءُ آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 3:35
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جيڪي مون کي ’خداوند، خداوند‘ ڪري سڏين ٿا، تن مان سڀڪو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. پر رڳو اهي داخل ٿيندا جيڪي منهنجي آسمان واري پيءُ جي مرضيءَ موجب هلن ٿا.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي مرضيءَ موجب هلڻ چاهي ٿو تہ هو انهيءَ تعليم بابت ڄاڻي وٺندو تہ اها خدا وٽان آهي يا آءٌ پنهنجي طرفان ٿو ڏيان.


انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏيکاءَ طور نہ، پر مسيح جي غلام جي حيثيت ۾ دل سان خدمت ڪندي خدا جي مرضي پوري ڪريو.


هائو، اوهان کي ثابت قدميءَ سان منهن ڏيڻ گھرجي، انهيءَ لاءِ تہ خدا جي مرضي پوري ڪري اوهين اهو ڪجھہ حاصل ڪريو، جنهن جو خدا پاڻ واعدو ڪيو آهي، جيئن هن پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي تہ


پر جيڪو ماڻهو سچ جي انهيءَ پيغام يعني آزادي ڏيندڙ ڪامل شريعت کي ڌيان سان ڏسندو ٿو رهي ۽ ٻُڌي ڪري وساري نہ ٿو، بلڪ انهيءَ تي عمل ٿو ڪري سو ئي پنهنجي ڪمن ۾ برڪت وارو ٿيندو.


اڳتي هو پنهنجي باقي زندگي هن گنهگار دنيا جي انساني خواهشن موجب نہ، پر خدا جي مرضيءَ موجب گذاريندو.


جڏهن تہ دنيا ۽ ان جون موهيندڙ شيون فنا ٿينديون ٿيون وڃن، پر جيڪو خدا جي مرضيءَ موجب هلي ٿو سو هميشہ قائم رهي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ