Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 3:24 - Muslim Sindhi Bible

24 ”جيڪڏهن ڪنهن بادشاهت ۾ ڏڦيڙ پوندو تہ اها جٽاءُ ڪري نہ سگھندي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 ۽ جيڪڏهن ڪنهن بادشاهت ۾ ڦيٽهڙو ٿو پوي، تہ اُها بادشاهت جٽاءُ ڪري نٿي سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

24 ”جيڪڏهن ڪنهن راڄ ۾ ڏڦيڙ پوندو تہ اهو جٽاءُ ڪري نہ سگھندو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 جيڪڏھن ڪنھن بادشاھت ۾ ڦيٽھڙو پوندو تہ اُھا جٽاءُ ڪري نہ سگھندي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 3:24
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتفاق سان بنيامين قبيلي جو هڪڙو خبيث ماڻهو سبع ولد بڪري اتي جِلجال ۾ هو. انهيءَ نفيل وڄائي رڙ ڪري چيو تہ ”يسيءَ جي پٽ دائود ۾ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، نڪي وري هاڻ هن سان ڪو اسان جو واسطو آهي. تنهنڪري اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هلون.“


تڏهن دائود ابي‌شيءَ کي چيو تہ ”سبع ولد بڪري اسان کي ابي‌سلوم کان بہ وڌيڪ نقصان پهچائيندو. سو تون منهنجو لشڪر وٺي انهيءَ جي پٺيان ڪاهي پئُہ، متان هو قلعي وارا شهر هٿ ڪري ۽ اسان کان بچي وڃي.“


آءٌ انهن کي سندن ملڪ ۾، سندن ئي جبلن منجھہ گڏي هڪڙي ئي قوم بڻائيندس. انهن سڀني تي هڪڙو ئي بادشاهہ حڪومت ڪندو. پوءِ اهي وري ڪڏهن بہ ٻن قومن يا ٻن بادشاهتن جي صورت ۾ ورهائجي نہ ويندا.


تڏهن مون پنهنجي ٻي لٺ بہ ڀڃي ڇڏي جنهن جو نالو ”اتحاد“ هو. ائين ڪرڻ سان ڄڻ مون يهوداہ وارن ۽ اسرائيل وارن جي برادريءَ کي ٽوڙي ڇڏيو.


عيسيٰ انهن جي خيالن کي ڄاڻيندي چيو تہ ”جنهن بہ بادشاهت ۾ ڏڦيڙ پوي ٿو سا برباد ٿيو وڃي ۽ جنهن بہ شهر يا گھر ۾ ڦيٽهڙو پوي ٿو سو بہ هلي نہ ٿو سگھي.


تنهن تي عيسيٰ انهن کي پاڻ وٽ گھرائي چيو تہ ”شيطان ڪيئن شيطان کي ڪڍندو؟“ پوءِ کين هي مثال ٻڌايائين تہ


۽ جيڪڏهن ڪنهن گھر ۾ ڦيٽهڙو پوندو تہ اهو گھر بہ هلي نہ سگھندو.


انهيءَ لاءِ تہ اهي سڀ گڏجي هڪ ٿين. اي بابا! جهڙيءَ طرح تون مون ۾ آهين ۽ آءٌ تو ۾ آهيان، تهڙيءَ طرح شل اهي بہ اسان ۾ گڏجي هڪ ٿين، تہ جيئن دنيا يقين ڪري تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ