Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 3:21 - Muslim Sindhi Bible

21 هوڏانهن جڏهن عيسيٰ جي مائٽن کي خبر پيئي تہ هو ڇا ڇا ڪندو پيو وتي ۽ ماڻهو کيس ديوانو پيا سمجھن، تڏهن سندس مائٽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ لاءِ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ۽ جڏهن سندس عزيزن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن کيس هٿ ڪرڻ لاءِ نڪتا: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هي هوش کان ٻاهر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 هوڏانهن جڏهن يسوع جي مائٽن کي خبر پيئي تہ هو ڇا ڇا ڪندو پيو وتي ۽ ماڻهو کيس ديوانو پيا سمجھن، تڏهن سندس مائٽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ لاءِ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 جڏھن سندس مائٽن اھو ٻڌو تڏھن ھو کيس ھٿ ڪرڻ لاءِ نڪتا، ڇاڪاڻ⁠تہ ماڻھو سمجھن پيا تہ ”عيسيٰ ديوانو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 3:21
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ييهو پنهنجي ساٿين وٽ موٽي آيو، تڏهن هڪڙي کانئس پڇيو تہ ”ٻيو تہ خير آهي؟ اهو چريو ماڻهو تو وٽ ڇو آيو هو؟“ تنهن تي ييهوءَ کين وراڻيو تہ ”ڇا اوهان کي انهيءَ ماڻهوءَ جي ۽ جيڪي هن چيو تنهن جي خبر آهي؟“


”خداوند تو کي يهويدع ڪاهن جي جاءِ تي ڪاهن مقرر ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون خداوند جي گھر جو نگران بڻجي هر انهيءَ چرئي ماڻهوءَ کي جيڪو پاڻ کي نبي چوائي، تنهن کي ڪاٺ ۾ وجھي زنجيرن سان جڪڙي ڇڏين.


هاڻي سزا جا ڏينهن اچي پهتا آهن. هائو، بدلي جا ڏينهن اچي ويجھا ٿيا آهن. تڏهن اسرائيل وارا ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ سندن بدڪاريءَ جي گھڻائيءَ ۽ خداوند جي خلاف بغض جي ڪري آهي. هو چون ٿا تہ ”هي نبي بي‌عقل آهي،“ اهي هيئن بہ چون ٿا تہ ”جنهن ۾ روح آهي سو ماڻهو چريو آهي.“


ايتري ۾ عيسيٰ جي ماءُ ۽ ڀائر اچي پهتا ۽ ٻاهر بيهي عيسيٰ کي پاڻ وٽ گھرائڻ لاءِ ماڻهو موڪليائون.


هنن مان ڪيترائي چوڻ لڳا تہ ”هن ۾ ڀوت آهي، بلڪ هي چريو آهي. اوهين ڇو سندس ڳالهين تي ڌيان ڏيو ٿا؟“


جيئن ئي پولس هن نموني پنهنجي صفائي پيش ڪري رهيو هو تہ فيستس وڏي واڪي چيس تہ ”پولس تون ديوانو آهين. گھڻو پڙهي پڙهي تون چريو ٿي پيو آهين.“


پوءِ جيڪڏهن ڪي سمجھن ٿا تہ اسين ديوانا آهيون تہ خدا جي خاطر آهيون، پر جيڪڏهن ٺيڪ دماغ سان آهيون تہ اوهان جي خاطر آهيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ