Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 3:20 - Muslim Sindhi Bible

20 پوءِ عيسيٰ هڪ گھر ۾ آيو. اتي بہ ايتري تہ خلق اچي مڙي جو عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي ماني کائڻ جي بہ واندڪائي نہ پئي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ وري اُتي ايڏي خلق اچي مڙي جو هنن کي ماني کائڻ جي بہ فرصت نہ ٿي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 پوءِ يسوع هڪ گھر ۾ آيو. اتي بہ ايتري تہ خلق اچي مڙي جو يسوع ۽ سندس چيلن کي رسوئي کائڻ جي بہ واندڪائي نہ پئي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 پوءِ عيسيٰ گھر آيو. اتي وري بہ ايتري تہ خلق اچي مڙي جو عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي ماني کائڻ جي واندڪائي بہ نہ ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 3:20
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن وڃي اها ڳالهہ جتي ڪٿي ٻڌائي ڇڏي، جيڪا ايتري تہ پکڙجي ويئي جو پوءِ عيسيٰ ڪنهن بہ شهر ۾ کُليءَ طرح داخل ٿي نہ سگھيو. پر هو ٻاهر ويران جاين ۾ ٿي رهيو جتي سڀني هنڌن کان ماڻهو وٽس پئي آيا.


ڪيترن ئي ڏينهن کان پوءِ عيسيٰ وري ڪفرناحوم ۾ موٽي آيو. سندس گھر اچڻ جي خبر چوڌاري پکڙجي ويئي.


۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن پوءِ دغا ڪري پڪڙايو هئس.


عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏجي گليل ڍنڍ جي پاسي نڪري ويو تہ ماڻهن جو وڏو ميڙ سندس پٺيان آيو. انهيءَ ميڙ ۾ گليل علائقي کان علاوہ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ، ادوم، اردن درياءَ جي اوڀر طرف، صور ۽ صيدا شهرن جي آس‌پاس وارن علائقن جا ماڻهو بہ شامل هئا، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻڌو هو تہ عيسيٰ عجيب وَ غريب ڪم ٿو ڪري.


جيئن تہ ماڻهن جو گھڻو ڳاهٽ هو تنهنڪري عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”منهنجي لاءِ هڪڙي ٻيڙي تيار رکو، متان ماڻهو مون کي ڳاهي نہ ڇڏين.“


ان وقت ايترا تہ ماڻهو اچن پيا جو عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي ماني کائڻ جو وقت بہ نہ ٿي مليو. تنهن تي هن انهن کي چيو تہ ”هلو تہ هتان ڪنهن نويڪلي جاءِ تي هلون، جتي هلي اوهين ٿورو وقت آرام ڪريو.“


جڏهن عيسيٰ ميڙ کي ڇڏي گھر پهتو تہ سندس شاگردن انهيءَ مثال بابت پڇيس.


جڏهن عيسيٰ گھر پهتو تہ سندس شاگردن اڪيلائيءَ ۾ پڇيس تہ ”اسين هن ڀوت کي ڇو نہ ڪڍي سگھياسين؟“


عيسيٰ هنن سان گڏ جبل تان هيٺ لهي هڪ ميدان ۾ اچي بيٺو. سندس شاگردن جي وڏي جماعت ۽ يروشلم شهر سميت سڄي يهوديہ سان گڏوگڏ صور ۽ صيدا جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن کان گھڻا ماڻهو اچي اتي مڙيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ