Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 3:18 - Muslim Sindhi Bible

18 اندرياس، فلپس، برتُلمئي، متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، تدئي، شمعون قوم‌پرست

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ اندرياس، ۽ فلپس، ۽ برتلمئي، ۽ متي، ۽ توما، ۽ حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ۽ ٿدي، ۽ شمعون ڪنعاني،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 اندرياس، فلپس، برتُلمئي، متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، تدئي، شمعون قوم‌پرست

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 اندرياس، فلپس، برٿلمئي، متي، توما، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، ٿدئي، شمعون قوم⁠پرست،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 3:18
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇا هي واڍي جو پٽ نہ آهي؟ ڇا هن جي ماءُ جو نالو مريم نہ آهي؟ ۽ يعقوب، يوسف، شمعون ۽ يهوداہ هن جا ڀائر نہ آهن ڇا؟


عيسيٰ اتان روانو ٿيو ۽ رستي سان هلندي هن متيءَ نالي هڪ شخص کي پنهنجي ٽيڪس اُڳاڙڻ واري اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ هن کي سڏي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ تنهن تي متي اٿيو ۽ سندس پٺيان هلڻ لڳو.


پوءِ هن واٽ ويندي حلفيءَ جي پٽ لاويءَ کي ٽيڪس اُڳاڙڻ واري اڏي تي ويٺل ڏٺو. عيسيٰ کيس سڏي چيو تہ ”منهنجي پٺيان هل.“ تنهن تي لاوي اٿيو ۽ هن جي پٺيان هلڻ لڳو.


زبديءَ جا پٽ يعقوب ۽ يوحنا، جن کي بوانرگس يعني ”گجگوڙ جا پٽ“ ڪري سڏيائين،


۽ يهوداہ اسڪريوتي، جنهن پوءِ دغا ڪري پڪڙايو هئس.


ڇا هي اهو واڍو نہ آهي جيڪو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يهوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ڇا هن جون ڀينرون هتي نہ ٿيون رهن؟“ سو هنن عيسيٰ کي قبول نہ ڪيو.


جن ٻن ڄڻن يحيٰ جي ڳالهہ ٻڌي هئي ۽ عيسيٰ جي پٺيان هلڻ لڳا هئا، تن ۾ هڪڙو شمعون پطرس جو ڀاءُ اندرياس هو.


تنهن تي توما جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، تنهن پنهنجي ساٿي شاگردن کي چيو تہ ”اچو تہ اسين بہ هلون تہ جيئن هن سان گڏ هلي مرون.“


تڏهن يهوداہ جيڪو يهوداہ اسڪريوتي نہ، پر ٻيو يهوداہ هو، تنهن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اي خداوند! ڇا جي ڪري اوهين پنهنجو پاڻ کي اسان تي تہ ظاهر ڪندا پر دنيا تي نہ؟“


جڏهن شمعون پطرس، توما جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، گليل جي قانا ڳوٺ وارو نٿن‌ايل، زبديءَ جا ٻہ پٽ ۽ ٻہ ٻيا بہ شاگرد پاڻ ۾ گڏ ويٺا هئا،


جڏهن اهي شهر ۾ داخل ٿيا تہ انهيءَ ماڙيءَ تي مٿي چڙهي ويا جتي اهي يعني پطرس، يوحنا، يعقوب، اندرياس، فلپس، توما، برتُلمئي، متي، حلفيءَ جو پٽ يعقوب، شمعون قوم‌پرست ۽ يعقوب جو پٽ يهوداہ رهيل هئا.


جڏهن هنن ڳالهائي بس ڪئي تڏهن يعقوب ڳالهائڻ لڳو تہ ”اي ڀائرؤ! منهنجي بہ ڳالهہ ٻڌو.


ٻئي ڏينهن تي پولس اسان سان گڏجي يعقوب سان ملڻ هليو، جتي ڪليسيا جا سڀيئي اڳواڻ بہ ويٺا هئا.


پوءِ وري هن يعقوب کي ۽ بعد ۾ سڀني رسولن کي ڏيکاري ڏني.


ڇا اسان جو اهو حق نہ آهي تہ اسان مان هر ڪو هم‌ايمان عورت پرڻجي ۽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلندو رهي، جيئن خداوند جا ڀائر، پطرس ۽ ٻيا رسول ڪن ٿا؟


اتي مون خداوند عيسيٰ جي ڀاءُ يعقوب کي ڏٺو، پر ٻين رسولن مان ڪنهن کي بہ ڪونہ ڏٺو.


سو انهن جڏهن انهيءَ حقيقت کي مڃي ورتو تہ خدا سچ پچ مون کي خدمت ڪرڻ جو فضل عطا ڪيو آهي، تڏهن انهن جي طرفان يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا هئا، تن برنباس ۽ مون سان هٿ ملائي پاڻ سان شامل ڪيو. پوءِ هڪ راءِ ٿياسين تہ اسين غير يهودين ۾ خدمت ڪريون ۽ هو يهودين ۾.


هي خط خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي ٻانهي مون يعقوب جي طرفان اوهان هنڌ هنڌ پکڙيل ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي خدا جا چونڊيل آهيو. آءٌ اوهان کي سلام ٿو چوان.


هي خط مون يهوداہ جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهيان. هي انهن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي خدا پيءُ جي پيار ۽ عيسيٰ مسيح جي حفاظت ۾ رهڻ لاءِ سڏيا ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ