Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 3:11 - Muslim Sindhi Bible

11 ڀوتن ورتل ماڻهن بہ جڏهن عيسيٰ کي ڏٺو پئي تہ پٽ تي ڪري رڙيون ڪندي چيائون ٿي تہ ”تون خدا جو فرزند آهين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ جڏهن ڀوت کيس ڏسندا هئا، تڏهن اڳيانس ڪِري رڙيون ڪري چوندا هئا، تہ تون خدا جو فرزند آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

11 ڀوتن ورتل ماڻهن بہ جڏهن يسوع کي ڏٺو پئي تہ پٽ تي ڪري رڙيون ڪندي چيائون ٿي تہ ”تون ايشور جو پٽ آهين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 ڀوتن ورتل ماڻھو جڏھن عيسيٰ کي ڏسندا ھئا تہ پٽ تي ڪري رڙيون ڪري چوندا ھئا تہ ”تون خدا جو فرزند آھين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 3:11
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي جيڪي بہ ٻيڙيءَ ۾ هئا تن کيس سجدو ڪندي چيو تہ ”بيشڪ تون خدا جو فرزند آهين.“


سو ابليس هن وٽ آيو ۽ چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هنن پٿرن کي حڪم ڪر تہ مانيون ٿي پون.“


چيائينس تہ ”جيڪڏهن تون خدا جو فرزند آهين تہ هتان پاڻ کي هيٺ ڪيراءِ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’خدا پنهنجي ملائڪن کي تو لاءِ حڪم ڪندو، اهي تو کي پنهنجن هٿن تي جھلي وٺندا، تہ جيئن تنهنجو پير بہ پٿر تي نہ لڳي.‘“


عيسيٰ کي ڏسڻ سان هو رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي خدا جا فرزند! تنهنجو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ ڇا تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آهين؟“


سو ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”جيڪڏهن اوهين اسان کي ڪڍو ٿا تہ اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن جي ڌڻ ۾ وڃون.“


خدا جي فرزند عيسيٰ مسيح بابت خوشخبري هن ريت شروع ٿئي ٿي.


ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي سان هي چوندي نڪري ويا تہ ”تون خدا جو فرزند آهين،“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو مسيح آهي. پر عيسيٰ انهن کي دڙڪو ڏيندي منع ڪئي تہ هو ائين نہ چون.


هن جڏهن عيسيٰ کي ڏٺو تڏهن رڙيون ڪندي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳس تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! مون سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“


هوءَ پولس ۽ اسان جي پٺيان اچي رڙيون ڪندي چوڻ لڳي تہ ”هي ماڻهو خدا تعاليٰ جا ٻانها آهن، جيڪي اوهان کي ڇوٽڪاري جو رستو ٿا ٻڌائين.“


جيڪڏهن ڪو بکايل هجي تہ ڀلي پنهنجي گھر کائي، متان اوهان جو گڏ ٿيڻ گنهگار هئڻ جي فتويٰ جو سبب نہ بڻجي. باقي ٻيون ڳالهيون جڏهن آءٌ ايندس تڏهن اچي ٺيڪ ڪندس.


تون چوين ٿو تہ ’آءٌ ايمان ٿو رکان تہ خدا هڪڙو آهي.‘ ٺيڪ آهي. اها ڳالهہ تہ بدروح بہ مڃين ٿا ۽ اهي ڏڪن بہ ٿا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ