Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 3:10 - Muslim Sindhi Bible

10 جيئن تہ هن گھڻن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو، تنهنڪري جن کي بہ بيماري هئي سي کيس هٿ لائڻ لاءِ هڪٻئي کي ڌِڪيندا اڳتي وڌن پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو هن گهڻن کي ڇُٽايو هو، تنهنڪري جيڪي بہ ماڻهو مرض ۾ گرفتار هئا، سي کيس ڇهڻ لاءِ مٿس پئي ڳاهٽ ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

10 جيئن تہ هن گھڻن ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو، تنهنڪري جن کي بہ بيماري هئي سي کيس هٿ لائڻ لاءِ هڪٻئي کي ڌِڪيندا اڳتي وڌن پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 جيئن تہ ھن گھڻن ماڻھن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو ھو، تنھنڪري جن کي بہ بيماري ھئي سي کيس ھٿ لائڻ لاءِ ڏاڍا آتا ھئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 3:10
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خداوند ابرام جي زال سارائيءَ جي ڪري بادشاهہ ۽ سندس پوري حويليءَ کي سخت بيمارين ۾ ڦاسائي ڇڏيو.


جڏهن اهو گوشت اڃا سندن ڏندن جي وچ ۾ هو ۽ اهو اڃا چٻيو ئي ڪين هئائون، تہ خداوند کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن ماڻهن کي سخت وبا سان ماري ڇڏيو.


جڏهن عيسيٰ کي فريسين جي سازشن جي خبر پيئي تہ هو اتان روانو ٿي ويو. گھڻا ئي ماڻهو سندس پٺيان لڳي پيا. انهن ۾ جيڪي بيمار هئا تن سڀني کي هن شفا ڏني


جڏهن عيسيٰ ٻيڙيءَ مان لٿو تہ هن هڪ وڏو ميڙ ڏٺو. سندس دل رحم سان ڀرجي ويئي، سو اچي انهن جي بيمارن کي شفا ڏيئي چڱو ڀلو ڪيائين.


ماڻهن منٿ ڪيس تہ ”اوهين رڳو پنهنجي دامن کي ئي هٿ لائڻ ڏيو.“ تڏهن جن بہ هٿ لاتس سي چڱا ڀلا ٿي ويا.


عيسيٰ گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي عبادت‌خانن ۾ تعليم ڏيندو، آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو.


تنهن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”ڌيءَ! تنهنجي ايمان تو کي ڇٽايو آهي، سو خوش ٿيءُ جو هاڻي آزار کان ڇٽينءَ.“


عيسيٰ ڳوٺن، شهرن ۽ واهڻن ۾ جتي بہ ويو پئي تہ اتي ماڻهن پنهنجا بيمار چونڪن ۾ آڻي ٿي رکيا ۽ کيس منٿ ٿي ڪيائون تہ ”مهرباني ڪري بيمار کي رڳو پنهنجي دامن کي ئي هٿ لائڻ ڏيو.“ پوءِ جن بہ هٿ لاتس پئي سي سڀ چڱا ڀلا ٿي پئي ويا.


پوءِ هو بيت‌صيدا ۾ آيا. اتي ڪي ماڻهو هڪ انڌي کي عيسيٰ وٽ وٺي آيا ۽ منٿون ڪيائونس تہ ”هن کي هٿ لايو.“


سو عيسيٰ انهن مان هڪڙيءَ ۾ چڙهي پيو، جيڪا شمعون جي هئي. هن شمعون کي ڪناري کان ٿورو پرڀرو ٻيڙي ڌِڪڻ لاءِ چيو، جتي ٻيڙيءَ ۾ ئي ويٺي هو ميڙ کي تعليم ڏيڻ لڳو.


سڀني ماڻهن اها ئي پئي ڪوشش ڪئي تہ کيس هٿ لائين، ڇاڪاڻ تہ منجھانئس اهڙي قدرت پئي نڪتي، جنهن سان سڀني کي شفا پئي ملي.


اتي رومي فوج جي هڪ صوبيدار جو نوڪر بيمار هو ۽ مرڻ تي هو. اهو نوڪر صوبيدار کي ڏاڍو پيارو هو.


انهيءَ گھڙيءَ عيسيٰ گھڻن کي مرضن، آفتن ۽ ڀوتن کان ڇٽائي چڱو ڀلو پئي ڪيو ۽ ڪيترن ئي انڌن کي سڄو پئي ڪيائين.


رسولن جا معجزا ڏسي ماڻهو بيمارن کي گھٽين ۾ آڻي کٽولن ۽ تڏن تي رکڻ لڳا تہ جڏهن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انهن مان ڪن تي پوي.


ڏس، خداوند جنهن سان محبت ٿو رکي، تنهن کي سيکت بہ ڏئي ٿو، ۽ جنهن کي پنهنجو ٻار ٿو بڻائي، تنهن کي سزا بہ ڏئي ٿو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ