Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 2:16 - Muslim Sindhi Bible

16 شريعت جي ڪن فريسي عالمن جڏهن ڏٺو تہ عيسيٰ اهڙي قسم جي ماڻهن سان گڏ ٿو کائي، تڏهن انهن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”هو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 ۽ جڏهن فريسين جي فقيهن هن کي انهن گنهگارن ۽ ٺيڪيدارن سان گڏ ماني کائيندو ڏٺو، تڏهن سندس شاگردن کي چوڻ لڳا، تہ هو محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن سان گڏ ويٺو کائي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 ڪن فريسي نيم شاسترين جڏهن ڏٺو تہ يسوع اهڙي قسم جي ماڻهن سان گڏ ٿو کائي، تڏهن انهن يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”هو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 ڪن شريعت جي عالم فريسين جڏھن ڏٺو تہ عيسيٰ محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ٿو کائي، تڏھن انھن عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”ھو محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 2:16
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تہ اهي ٻين کي چون ٿا تہ ’پري ٿي بيهو، اسان جي ويجھو نہ اچو، ڇاڪاڻ تہ اسين اوهان کان پاڪ آهيون.‘ اهي ماڻهو منهنجي نڪ ۾ اهڙي دونهين مثل چڙ ڏياريندڙ آهن، جيڪو ڪنهن دکندڙ باهہ مان نڪرندي ماڻهن کي تنگ ڪرڻ کان بس نہ ٿو ڪري.


جيڪڏهن هو انهن کي انڪار ڪري تہ ڪليسيا کي ٻڌايو ۽ جيڪڏهن ڪليسيا کي بہ نہ مڃي تہ پوءِ هن کي غير ايمان وارن ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جهڙو ڪري سمجھو.“


جيڪڏهن اوهين رڳو انهن سان پيار ڪريو ٿا جيڪي اوهان سان پيار ڪن ٿا تہ اوهان کي ڪهڙو اجر ملندو؟ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا.


فريسين اهو ڏسي عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”اوهان جو استاد ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“


هڪڙي دفعي جڏهن عيسيٰ لاويءَ جي گھر ماني ويٺي کاڌي، تڏهن سندس شاگردن کان علاوہ ڪيترائي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ ۽ گنهگار بہ ساڻس گڏ کائي رهيا هئا، ڇاڪاڻ تہ اهڙا گھڻا ئي هئا جيڪي عيسيٰ جي پٺيان ايندا هئا.


”هي ماڻهو ائين ڇو ٿو چوي؟ هي تہ ڪفر ٿو بڪي، ڇاڪاڻ تہ خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ گناهہ معاف ڪري نہ ٿو سگھي.“


فريسي بيهي پنهنجيءَ دل ۾ هيئن دعا گھرڻ لڳو تہ ’اي خدا! آءٌ تنهنجو ٿورائتو آهيان جو آءٌ ٻين ماڻهن جهڙو ڦورو، بي‌انصاف يا زناڪار نہ آهيان، نہ وري هن ٽيڪس اُڳاڙيندڙ جهڙو آهيان.


ابنِ آدم انهن کي ڳولڻ ۽ بچائڻ آيو آهي جيڪي گمراهہ ٿي ويا آهن.“


اهو ڏسي سڀيئي ڪُرڪندي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، هو هڪڙي گنهگار جي گھر رهيو آهي.“


تڏهن ڪن فريسين ۽ سندن شريعت جي عالمن ڪُرڪندي عيسيٰ جي شاگردن کي چيو تہ ”ڇو اوهين ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ گنهگارن سان گڏ کائو پيئو ٿا؟“


سو گوڙ وڌندو ويو، تان جو ڪي شريعت جا عالم جيڪي فريسين مان هئا، سي اُٿي بيٺا ۽ سختيءَ سان اعتراض ڪرڻ لڳا تہ ”اسين هن شخص ۾ ڪوبہ ڏوهہ نہ ٿا ڏسون. جيڪڏهن ڪنهن روح يا ڪنهن ملائڪ ساڻس ڳالهايو هوندو تہ پوءِ ڇا ٿيو؟“


جنهن ماڻهوءَ ۾ پاڪ روح رهي ٿو، سو سڀني ڳالهين کي پرکي ٿو سگھي، پر خود انهيءَ پاڪ روح واري کي بنا پاڪ روح وارو ڪوبہ پرکي نہ ٿو سگھي،


هائو، جنهن هستيءَ گنهگارن جي ايڏي وڏي مخالفت برداشت ڪئي، تنهن تي غور ڪريو. تڏهن اوهين انهيءَ ڊوڙ ۾ ٿڪجي همت هاري نہ ويهندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ