Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 16:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پر اوهين وڃو ۽ وڃي پطرس سميت عيسيٰ جي ٻين شاگردن کي چئو تہ ’عيسيٰ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اوهين هن کي اتي ڏسندا، جيئن هن پاڻ اوهان کي ٻڌايو هو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پر وڃو، هن جي شاگردن، ۽ پطرس کي وڃي چئو، تہ هو اوهان کان اڳيئي گليل ڏانهن ٿو وڃي، اُتي اوهين هن کي ڏسندا، جيئن هن پاڻ اوهان کي چيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 پر اوهين وڃو ۽ وڃي پطرس سميت يسوع جي ٻين چيلن کي چئو تہ ’يسوع اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اوهين هن کي اتي ڏسندا، جيئن هن پاڻ اوهان کي ٻڌايو هو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 پر اوھين وڃو ۽ وڃي عيسيٰ جي شاگردن ۽ پطرس کي چئو تہ ’ھو اوھان کان اڳي ئي گليل ڏانھن وڃي رھيو آھي. اوھين ھن کي اتي ڏسندا، جيئن ھن پاڻ اوھان کي ٻڌايو ھو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 16:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن هوندي بہ آءٌ پنهنجي جيئري ٿيڻ کان پوءِ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن ويندس.“


عيسيٰ کين چيو تہ ”ڊڄو نہ، وڃو ۽ منهنجي شاگردن کي وڃي ٻڌايو تہ هو گليل ڏانهن هلن. اتي هو مون کي ڏسندا.“


پوءِ جلدي وڃي هن جي شاگردن کي ٻڌايو تہ ’هو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي ۽ اوهان کان اڳي ئي گليل ڏانهن وڃي رهيو آهي. اتي اوهين کيس ڏسندا.‘ ڏسو، مون اوهان کي سڀ ڪجھہ ٻڌائي ڇڏيو آهي.“


تنهن هوندي بہ آءٌ پنهنجي جيئري ٿيڻ کان پوءِ اوهان کان اڳي ئي گليل ۾ وڃي پهچندس.“


تڏهن سڀيئي شاگرد عيسيٰ کي ڇڏي ڀڄي ويا.


تڏهن اهي قبر کان ٻاهر نڪري وٺي ڀڳيون ۽ جيئن تہ ڊپ وچان کين ڏڪڻي ۽ دهشت وٺي ويئي هئي، سو انهن ڪنهن سان بہ نہ ڳالهايو.


ان کان پوءِ عيسيٰ وري پنهنجي شاگردن کي گليل ڍنڍ جي ڪناري تي ڏيکاري ڏني. اهو هن طرح ٿيو.


۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين هو انهن کي ڏيکاري ڏيندو رهيو، جيڪي ساڻس گليل علائقي کان يروشلم شهر تائين گڏ آيا هئا. اهي هاڻي بني اسرائيل قوم جي اڳيان سندس شاهد آهن.


پوءِ پطرس کي ۽ بعد ۾ ٻارهن رسول نالي ٽولي کي ڏيکاري ڏنائين.


اٽلندو هاڻي اوهان کي گھرجي تہ کيس معاف ڪريو ۽ تسلي ڏيو، متان اهو ماڻهو گھڻي غم وچان برباد نہ ٿي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ