Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 16:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تنهن تي انهيءَ نوجوان چين تہ ”حيران نہ ٿيو. اوهين عيسيٰ ناصريءَ کي ڳوليو ٿيون پيون نہ، جيڪو صليب تي چاڙهيو ويو هو؟ هو هتي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ هو وري جيئرو ڪيو ويو آهي. ڏسو، هيءَ اها جاءِ آهي جتي سندس لاش کي آڻي رکيو هئائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ انهي کين چيو تہ حيران نہ ٿيو، اوهين يسوع ناصريءَ کي ٿيون ڳوليو، جنهن کي صليب تي چاڙهيو هئائون: هو جي اُٿيو آهي؛ هو هتي ڪونهي: اِجها اها جاءِ جتي رکيو هئائونس!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 تنهن تي انهيءَ نوجوان چين تہ ”حيران نہ ٿيو. اوهين يسوع ناصريءَ کي ڳوليو ٿيون پيون نہ، جيڪو سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو؟ هو هتي ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ هو وري جيوت ڪيو ويو آهي. ڏسو، هيءَ اها جاءِ آهي جتي سندس لاش کي آڻي رکيو هئائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 تنھن تي انھيءَ جوان چين تہ ”حيران نہ ٿيو. اوھين عيسيٰ ناصريءَ کي ڳوليو ٿيون پيون نہ، جيڪو صليب تي چاڙھيو ويو ھو؟ ھو جيئرو ٿي اٿيو آھي ۽ ھتي ڪونھي. اِجھا! ھيءَ اھا جاءِ آھي جتي ھن کي رکيو ھئائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 16:6
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو مون کي گھڻين ۽ سخت تڪليفن ۾ پيڙي ڇڏيو آهي. پر تون ئي مون کي انهيءَ پاتال مان ڪڍي ٻاهر آڻيندين، ۽ هڪ نئين زندگي عطا ڪندين.


جيڪي مون سان محبت ٿا رکن، تن سان آءٌ بہ محبت رکان ٿي. جيڪي دل سان منهنجي ڳولا ٿا ڪن، سي ئي مون کي حاصل ڪن ٿا.


جيئن يونس ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو هو، تيئن ابنِ آدم بہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون زمين جي پيٽ ۾ رهندو.


”اي عيسيٰ ناصري! تنهنجو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون اسان کي ناس ڪرڻ آيو آهين ڇا؟ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون ڪير آهين. بيشڪ تون خدا جي هڪ پاڪ هستي آهين.“


تنهن تي سڀ ماڻهو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي آهي ڇا؟ هيءَ تہ نئين تعليم آهي. هيءَ تہ وڏي اختياري آهي. هو ڀوتن کي بہ حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي کيس مڃين ٿا.“


اهي مٿس ٺٺوليون ڪندا، کيس ٿڪون ۽ ڪوڙا هڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا. پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ٿي اٿندو.“


پوءِ هن پطرس، يعقوب ۽ يوحنا کي پاڻ سان کنيو. ان وقت کيس سخت پريشاني ۽ بي‌قراري وٺي ويئي.


عيسيٰ کي ايندو ڏسندي ئي سڀ ماڻهو خوشيءَ وچان ”واہ! واہ!“ ڪرڻ لڳا ۽ ڊوڙي وڃي سندس آڌرڀاءُ ڪيائون.


کين چيائين تہ ”پاڪ ڪلام ۾ هيئن لکيل آهي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ ٽئين ڏينهن تي مئلن مان جيئرو ٿي اٿندو.


پر خدا هن کي موت جي تڪليفن کان آزاد ڪندي وري جيئرو ڪري ورتو، ڇاڪاڻ تہ اهو ناممڪن هو جو هو موت جي قبضي ۾ رهي.


تہ پوءِ اوهان بلڪ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڄاڻڻ کپي تہ هي ماڻهو، جيڪو اوهان جي اڳيان بلڪل چاق چڱو ڀلو بيٺو آهي سو عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي تي چڱو ڀلو ٿيو آهي، جنهن کي اوهان صليب تي چاڙهيو ۽ خدا کيس مئلن مان وري جيئرو ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ