Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 16:20 - Muslim Sindhi Bible

20 پوءِ شاگردن وڃي هر هنڌ خوشخبريءَ جي تبليغ ڪئي. انهن جي ڪم ۾ خداوند عيسيٰ ساڻن گڏ هو ۽ قدرت جي نشانين سان سندن تبليغ کي سچو ثابت ڪري ٿي ڏيکاريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 ۽ هنن وڃي هنڌ هنڌ منادي ڪئي، ۽ خداوند انهي ڪم ۾ ساڻن شامل رهيو، ۽ نشانيون جي پئي ٿيون، تن سان ڪلام کي ثابت ڪندو رهيو. آمين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

20 پوءِ چيلن وڃي هر هنڌ خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو. انهن جي ڪم ۾ پرڀو يسوع ساڻن گڏ هو ۽ شڪتيءَ جي نشانين سان سندن پرچار کي سچو ثابت ڪري ٿي ڏيکاريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 پوءِ شاگردن وڃي ھر ھنڌ تبليغ ڪئي. خداوند انھن سان گڏ پئي ڪم ڪيو ۽ ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ انھن جي تبليغ سچي ھئي، ڇالاءِ⁠جو کين قدرت جون نشانيون ڏنيون ھئائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 16:20
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن سان ڳالهائڻ کان پوءِ خداوند عيسيٰ آسمان ڏانهن کڄي ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


محترم ٿئوفلس! ڪيترائي ماڻهو انهن ڳالهين کي لکي چڪا آهن، جيڪي اسان ۾ ٿي گذريون آهن.


جهڙيءَ طرح اسان کان اڳين اسان تائين اهي ڳالهيون پهچايون، تهڙيءَ طرح هنن بہ هي ڳالهيون انهن کان ٻڌي لکيون، جيڪي شروع کان ئي هنن ڳالهين جا اکين ڏٺا شاهد هئا ۽ انهيءَ خوشخبريءَ جي منادي پڻ ڪيائون.


تنهن هوندي بہ پولس ۽ برنباس اتي گھڻو عرصو ترسيا ۽ خداوند عيسيٰ بابت دليريءَ سان ڳالهائيندا رهيا. خداوند سندن هٿان معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکاري پنهنجي فضل بابت سندن پيغام کي سچو ثابت ٿي ڪيو.


تون ماڻهن کي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ اسان تي پنهنجو هٿ رک ۽ اسان جي وسيلي پنهنجي پاڪ ٻانهي عيسيٰ جي نالي تي معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکار.“


رسول ماڻهن ۾ ڪيترائي معجزا ۽ ڪرامتون ڪندا هئا ۽ سڀيئي ايمان وارا هيڪل اندر سليماني ورانڊي ۾ اچي گڏبا هئا.


اهي ڪم ڪرامتن ۽ معجزن جي طاقت وسيلي يعني پاڪ روح جي قدرت سان ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي اُلرڪم علائقي تائين چئني پاسن مسيح بابت خوشخبريءَ جي مناديءَ واري خدمت پوري ڪري ڇڏي آهي.


اسين جيڪي خدا جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ خدمتگار آهيون، سي وري بہ منٿ ڪريون ٿا تہ خدا جو فضل جيڪو اوهان تي ٿيو آهي سو اجايو نہ وڃايو،


تہ پوءِ هيڏي عظيم ڇوٽڪاري کان جيڪڏهن اسين لاپرواهہ رهياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ انهيءَ ڇوٽڪاري جو اعلان پهريائين خود خداوند عيسيٰ ڪيو ۽ پوءِ جن ماڻهن اهو ٻڌو تن اسان کي ثابتي ڏيئي انهيءَ سچائيءَ جي شاهدي ڏني.


خدا بہ نشانين، ڪرامتن ۽ طرح طرح جي معجزن سان ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب پاڪ روح جون نعمتون ماڻهن ۾ ورهائيندي انهيءَ ڇوٽڪاري جي شاهدي ڏيندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ