Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 16:17 - Muslim Sindhi Bible

17 جيڪي ايمان آڻيندا، تن ۾ قدرت جون هي نشانيون هونديون جو اهي منهنجي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍندا ۽ مختلف قسمن جون ٻوليون ڳالهائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ ايمان آڻڻ وارن ۾ هي نشانيون هونديون: اُهي منهنجي نالي ڀوت ڪڍندا؛ ۽ نيون نيون ٻوليون ڳالهائيندا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 جيڪي وشواس آڻيندا، تن ۾ شڪتيءَ جون هي نشانيون هونديون جو اهي منهنجي نالي تي ماڻهن مان ڀوت ڪڍندا ۽ مختلف قسمن جون ٻوليون ڳالهائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 ايمان آڻڻ وارن ۾ قدرت جون ھي نشانيون ھونديون جو اھي منھنجي نالي تي ڀوت ڪڍندا ۽ عجيب عجيب ٻوليون ڳالھائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 16:17
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يوحنا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي استاد! اسان هڪ اهڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو اوهان جي نالي تي ڀوت ڪڍي رهيو هو. اسان هن کي منع ڪئي، ڇاڪاڻ تہ هو اسان جي ٽولي مان نہ هو.“


پوءِ اهي ستر شاگرد ڏاڍا خوش ٿي موٽيا ۽ اچي عيسيٰ کي چيائون تہ ”اي خداوند! اوهان جي نالي تي ڀوت بہ اسان جي تابع ٿيا آهن.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي ايمان رکندو سو بہ اهڙا ئي ڪم ڪندو جهڙا آءٌ ڪري رهيو آهيان، بلڪ انهن کان بہ وڏا ڪم ڪندو. هائو، جيئن تہ آءٌ پيءُ وٽ وڃي رهيو آهيان،


ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڇوڪريءَ ائين پئي ڪيو. آخرڪار پولس کي ايڏو تہ رنج ٿيو جو هن ڦري ڀوت کي چيو تہ ”آءٌ تو کي عيسيٰ مسيح جي نالي حڪم ٿو ڏيان تہ هن ڇوڪريءَ مان نڪري وڃ.“ ڀوت انهيءَ ئي مهل ڇوڪريءَ مان نڪري ويو.


تڏهن پولس پنهنجا هٿ انهن تي رکيا تہ پاڪ روح مٿن نازل ٿيو ۽ هو جدا جدا ٻوليون ڳالهائڻ ۽ خدا جو پيغام ٻڌائڻ لڳا.


هو پنهنجي پيءُ يعني خدا جي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو ويو آهي، جنهن کان واعدي ڪيل پاڪ روح وٺي هن اهو اسان تي نازل ڪيو آهي، جنهن جو اثر اوهين هاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا.


ايتري قدر جو يروشلم جي آس‌پاس وارن ڳوٺن مان بہ تمام گھڻا ماڻهو پنهنجن بيمار ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن کي کڻي ايندا هئا ۽ اهي سڀيئي چڱا ڀلا ٿي پوندا هئا.


ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي نڪرندا پئي ويا ۽ ڪيترائي اڌرنگي ۽ منڊا ماڻهو چڱا ڀلا ٿي ويا.


پاڪ روح ڪنهن کي معجزن ڪرڻ جي طاقت ڏئي ٿو تہ ڪنهن کي خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت ٿو بخشي. ڪنهن کي سچن ۽ ڪوڙن روحن کي سڃاڻڻ جي لياقت ڏئي ٿو تہ ڪنهن کي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ جي ۽ ڪنهن کي انهن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿو.


خدا ڪليسيا ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آهن، پهريان رسول، ٻيا خدا جو پيغام ڏيندڙ، ٽيان تعليم ڏيندڙ، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، اڳواڻي ڪندڙ ۽ اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائيندڙ.


ڇا سڀني کي شفا ڏيڻ جي نعمت مليل آهي؟ ڇا سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائين ٿا؟ ڇا سڀيئي ترجمو ڪن ٿا؟


جيڪڏهن آءٌ انسانن توڙي ملائڪن جون ٻوليون ڳالهائيندو هجان، پر مون ۾ محبت نہ آهي، تہ پوءِ آءٌ رڳو وڄندڙ گھِنڊ، يا ڇمڪندڙ جھانجھر آهيان.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو سو ماڻهن سان نہ، پر رڳو خدا سان ڳالهائي ٿو. ڪوبہ ماڻهو سندس ڳالهہ نہ ٿو سمجھي، ڇاڪاڻ تہ هو پاڪ روح جي وسيلي ڳجھيون ڳالهيون ٿو ڳالهائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ