Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 16:1 - Muslim Sindhi Bible

1 سبت جي ڏينهن پوري ٿيڻ تي سج لهڻ کان پوءِ مريم مگدليني، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ سلوميءَ خوشبودار شيون خريد ڪيون تہ جيئن عيسيٰ جي لاش کي هڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 جڏهن سبت جو ڏينهن گذري ويو، تڏهن مريم مگدليني ۽ يعقوب جي ماءُ مريم، ۽ سلومي، سرهاڻيون خريد ڪيون، انهي لاءِ تہ هن کي وڃي مکين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 سبت جي ڏينهن پوري ٿيڻ تي سج لهڻ کان پوءِ مريم مگدليني، يعقوب جي ماتا مريم ۽ سلوميءَ خوشبودار شيون خريد ڪيون تہ جيئن يسوع جي لاش کي هڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 جڏھن سبت جو ڏينھن پورو ٿيو تہ مريم مگدليني، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ سلوميءَ کٿوري خريد ڪئي تہ عيسيٰ جي ميت کي خوشبوءِ ھڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 16:1
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يوسف ملازم حڪيمن کي حڪم ڏنو تہ ”منهنجي پيءُ کي سرهاڻيون لايو.“ سو حڪيمن يعقوب کي سرهاڻيون لاتيون.


هن کي انهيءَ قبر ۾ دفن ڪيو ويو، جيڪا هن دائود جي شهر ۾ پنهنجي لاءِ تيار ڪرائي ڇڏي هئي. هن کي انهيءَ بستري تي کڻي سمهاريائون جيڪو خوشبوين ۽ قسم قسم جي مصالحن سان ڀريل هو ۽ هن جي اعزاز ۾ تمام وڏو مچ ٻاريو ويو.


عيسيٰ جڏهن بيت‌عنياہ ۾ ڪوڙهہ جهڙي مرض واري شمعون جي گھر ماني کاڌي پئي، تہ هڪڙي عورت سنگمرمر جي عطردانيءَ ۾ خالص جٽاماسيءَ جو قيمتي عطر کڻي آئي ۽ عطرداني ڀڃي عطر عيسيٰ جي مٿي تي هاريائين.


هن عورت کان جيڪو ڪجھہ ٿي سگھيو سو هن ڪيو. هن منهنجي دفن ٿيڻ کان اڳ ئي منهنجي جسم تي خوشبوءِ ڇٽڪائي آهي.


اُتي ڪي عورتون بہ بيٺيون هيون، جيڪي پري کان ڏسي رهيون هيون. انهن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماءُ مريم ۽ سلومي پڻ شامل هيون.


شام ٿي چڪي هئي ۽ اها شام سبت جي ڏينهن کان اڳئين تياريءَ جي ڏينهن جي هئي.


مريم مگدليني ۽ يوسيس جي ماءُ مريم اهو هنڌ ڏٺو پئي جتي لاش کي رکيو ٿي ويو.


پوءِ آچر جي ڏينهن صبح جو سوير سج اڀرڻ مهل اهي قبر تي اچي پهتيون.


تڏهن اهي قبر کان ٻاهر نڪري وٺي ڀڳيون ۽ جيئن تہ ڊپ وچان کين ڏڪڻي ۽ دهشت وٺي ويئي هئي، سو انهن ڪنهن سان بہ نہ ڳالهايو.


اهو جمعي جو ڏينهن، يعني يهودين جي تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ سبت شروع ٿيڻ وارو هو.


پوءِ هو گھر واپس ويون ۽ لاش لاءِ سرهاڻيون ۽ عطر تيار ڪيائون. تڏهن هنن شريعت جي حڪم موجب سبت جي ڏينهن آرام ڪيو.


اهي عورتون آچر جي ڏينهن پرهہ ڦُٽيءَ جو سوير پنهنجيون تيار ڪيل اهي سرهاڻيون پاڻ سان کڻي قبر تي آيون.


عيسيٰ جي صليب جي ڀرسان سندس ماءُ، ماسي، ڪلوپاس جي زال مريم ۽ مريم مگدليني بيٺيون هيون.


اهو تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ ايندڙ ڏينهن يهودين لاءِ خاص سبت جو ڏينهن هو. تنهنڪري يهودي اڳواڻن نہ ٿي چاهيو تہ لاش صليبن تي ٽنگيل رهن. سو انهن پلاطس کي عرض ڪيو تہ ”صليب وارن جون ٽنگون ڀڳيون وڃن تہ جيئن جلدي مري وڃن ۽ پوءِ لاش صليبن تان لاٿا وڃن.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ