Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 15:43 - Muslim Sindhi Bible

43 تڏهن يوسف نالي ارمٿيا جو هڪ شخص، جيڪو يهودي ڪائونسل جو هڪ معزز ڪارڪن هو ۽ پاڻ خدا جي بادشاهيءَ جي انتظار ۾ هو، سو همت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عرض ڪري کانئس عيسيٰ جو لاش گھريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

43 تڏهن ارمتيہ وارو يوسف آيو، جو هڪڙو معزز مشير هو، ۽ پاڻ خدا جي بادشاهت جو منتظر هو؛ اُهو همت ڪري اندر گهڙي پلاطس وٽ ويو، ۽ يسوع جو لاش گهُريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

43 تڏهن يوسف نالي ارمٿيا جو هڪ شخص، جيڪو يهودي پئنچائت جو هڪ مانوارو ڪارڪن هو ۽ پاڻ ايشور جي راڄ جي انتظار ۾ هو، سو همت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ وينتي ڪري کانئس يسوع جو لاش گھريائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

43 تڏھن ارمٿيا جو ھڪ شخص يوسف آيو جو ڪائونسل جو ھڪ معزز ميمبر ھو ۽ پاڻ خدا جي بادشاھت جو ڳولائو ھو. اھو ھمت ڪري پلاطس جي درٻار ۾ ويو ۽ عيسيٰ جي لاش وٺڻ لاءِ عرض ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 15:43
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ڪيترائي جيڪي هاڻي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا ۽ ڪيترائي جيڪي هاڻي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا.“


عيسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اهڙيءَ طرح جيڪي پويان آهن سي اڳيان ٿيندا ۽ جيڪي اڳيان آهن سي پويان ٿيندا.“


جڏهن شام ٿي تہ يوسف نالي عيسيٰ جو هڪ شاگرد اچي پهتو، جيڪو ارمٿيا جو رهاڪو ۽ شاهوڪار ماڻهو هو.


پطرس بہ عيسيٰ جي ٿورو پٺيان پٺيان ايندي وڏي سردار ڪاهن جي گھر جي اڱڻ ۾ اچي پهتو. اُتي هو پهريدارن سان گڏ ويهي رهيو ۽ پاڻ کي باهہ تي سيڪڻ لڳو.


پلاطس کي حيرت وٺي ويئي تہ عيسيٰ ايترو جلد ڪيئن مري ويو. هن هڪ فوجي صوبيدار کي گھرائي کانئس پڇيو تہ ”ڇا عيسيٰ ايترو جلدي مري چڪو آهي؟“


تن ڏينهن ۾ يروشلم ۾ شمعون نالي هڪڙو سچار ۽ نيڪ ماڻهو رهندو هو، جيڪو پاڪ روح سان ڀريل هو. هن بني اسرائيل جي بچاءَ جي راهہ پئي نهاري.


اها عورت بہ انهيءَ ئي وقت وٽن آئي ۽ خدا جو شڪر ڪرڻ لڳي. پوءِ هن انهيءَ ٻار بابت انهن سڀني سان ڳالهيون ڪيون جيڪي خدا طرفان يروشلم جي آزاديءَ لاءِ واجھائي رهيا هئا.


اتي يوسف نالي هڪڙو شخص هو، جيڪو يهوديہ جي شهر ارمٿيا جو رهاڪو هو. هو يهودي ڪائونسل جو نيڪ ۽ عزت وارو ڪارڪن هو ۽ خدا جي بادشاهيءَ جي انتظار ۾ هو. ڪائونسل جي ڪارڪن هوندي بہ هو انهن جي راءِ ۽ عمل ۾ شريڪ نہ ٿيو هو.


تنهن کان پوءِ ارمٿيا وارو يوسف، جيڪو يهودي اڳواڻن جي ڊپ ڪري ڳجھيءَ طرح عيسيٰ جو شاگرد هو، سو پلاطس وٽ آيو ۽ کيس عرض ڪيائين تہ ”مون کي عيسيٰ جو لاش کڻي وڃڻ جي اجازت ڏيو.“ پلاطس کيس اجازت ڏني. پوءِ هن وڃي لاش کنيو.


تنهن تي يهودين انطاڪيا شهر جي چڱن مڙسن ۽ خداپرست معزز عورتن کي ڀڙڪائي پولس ۽ برنباس خلاف وڏو فساد کڙو ڪرايو. انهيءَ طرح کين پنهنجي علائقي مان تڙي ڪڍيائون.


تنهنڪري انهن مان گھڻن ئي عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو. يونانين مان بہ ڪيترن ئي مردن توڙي مکيہ عورتن ايمان آندو.


ان کان علاوہ منهنجي قيد هجڻ ڪري گھڻن ايمان وارن جو خداوند عيسيٰ ۾ ڀروسو ايتري قدر وڌي ويو آهي جو اهي وڌيڪ همت ۽ بي‌خوفيءَ سان مسيح بابت پيغام ٻڌائين ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ