Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 15:40 - Muslim Sindhi Bible

40 اُتي ڪي عورتون بہ بيٺيون هيون، جيڪي پري کان ڏسي رهيون هيون. انهن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماءُ مريم ۽ سلومي پڻ شامل هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

40 ۽ اُتي زالون بہ هيون جن پري کان بيٺي ڏٺو، انهن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماءُ مريم، ۽ سلومي هيون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

40 اُتي ڪي ناريون بہ بيٺيون هيون، جيڪي پري کان ڏسي رهيون هيون. انهن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماتا مريم ۽ سلومي پڻ شامل هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

40 اُتي ڪي عورتون بہ ھيون، جيڪي پري کان ڏسي رھيون ھيون. انھن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسف جي ماءُ مريم ۽ سلومي ھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 15:40
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي انهيءَ آفت جي ڪري منهنجا دوست ۽ پيارا بہ مون کان پري ٿي ويا آهن، بلڪ منهنجا مٽ مائٽ بہ منهنجي ويجھو نہ ٿا اچن.


فلپس ۽ برتُلمئي، توما ۽ متي ٽيڪس اُڳاڙيندڙ، حلفيءَ جو پٽ يعقوب ۽ تدئي،


ڇا هي واڍي جو پٽ نہ آهي؟ ڇا هن جي ماءُ جو نالو مريم نہ آهي؟ ۽ يعقوب، يوسف، شمعون ۽ يهوداہ هن جا ڀائر نہ آهن ڇا؟


مريم مگدليني ۽ اها ٻي مريم اچي قبر جي سامهون ويهي رهيون.


سبت جي ڏينهن کان پوءِ جڏهن آچر جي پرهہ ڦٽڻ لڳي تہ مريم مگدليني ۽ ٻي مريم قبر ڏانهن ويون.


مريم مگدليني ۽ يوسيس جي ماءُ مريم اهو هنڌ ڏٺو پئي جتي لاش کي رکيو ٿي ويو.


سبت جي ڏينهن پوري ٿيڻ تي سج لهڻ کان پوءِ مريم مگدليني، يعقوب جي ماءُ مريم ۽ سلوميءَ خوشبودار شيون خريد ڪيون تہ جيئن عيسيٰ جي لاش کي هڻن.


عيسيٰ آچر ڏينهن صبح جو سوير جيئري ٿيڻ کان پوءِ سڀني کان پهريائين مريم مگدلينيءَ کي ڏيکاري ڏني، جنهن مان هن ست ڀوت ڪڍيا هئا.


هن جي مرضي هئي تہ ”ڏسان تہ عيسيٰ ڪهڙو آهي.“ پر ميڙ جي ڪري ڏسي نہ ٿي سگھيو، ڇو تہ هن جو قد ننڍو هو.


جڏهن تہ گليل علائقي کان ساڻس گڏجي آيل عورتون ۽ ٻيا ماڻهو جيڪي سڀ عيسيٰ کي ذاتي طرح ڄاڻين پيا تن پري کان بيٺي اهي ڳالهيون ٿيندي پئي ڏٺيون.


ڇا اسان جو اهو حق نہ آهي تہ اسان مان هر ڪو هم‌ايمان عورت پرڻجي ۽ کيس پاڻ سان گڏ وٺي هلندو رهي، جيئن خداوند جا ڀائر، پطرس ۽ ٻيا رسول ڪن ٿا؟


اتي مون خداوند عيسيٰ جي ڀاءُ يعقوب کي ڏٺو، پر ٻين رسولن مان ڪنهن کي بہ ڪونہ ڏٺو.


هي خط خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي ٻانهي مون يعقوب جي طرفان اوهان هنڌ هنڌ پکڙيل ماڻهن ڏانهن آهي، جيڪي خدا جا چونڊيل آهيو. آءٌ اوهان کي سلام ٿو چوان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ