Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 15:34 - Muslim Sindhi Bible

34 ٽي بجي ڌاري عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”الوهي! الوهي! لما شبقتني؟“ جنهن جي معنيٰ آهي تہ ”منهنجا خدا! اي منهنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ۽ ٽئين پهر يسوع وڏي آواز سان پڪاري چيو، تہ الوئي، الوئي، لما سبقتني؟ جنهن جو ترجمو آهي، اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 ٽي بجي ڌاري يسوع وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”الوهي! الوهي! لما شبقتني؟“ جنهن جي معنيٰ آهي تہ ”منهنجا ايشور! اي منهنجا ايشور! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 ٽپھريءَ مھل عيسيٰ وڏي آواز ۾ رڙيون ڪيون تہ ”الوئي، الوئي، لما سبخٿني؟“جنھن جي معنيٰ آھي تہ ”اي منھنجا خدا! اي منھنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 15:34
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجا خدا! اي منهنجا خدا! تو ڇو مون کي ڇڏي ڏنو آهي؟ تون منهنجي مدد ڪرڻ ۽ دانهن ٻڌڻ کان ڇو دور ٿو رهين؟


سو تون مون کان پنهنجو منهن نہ موڙ، ۽ ڪاوڙ مان پنهنجي ٻانهي کي پاڻ وٽان لوڌي نہ ڪڍ. تون ئي تہ منهنجو مددگار آهين، مون کي پاڻ کان پري نہ ڪر. اي منهنجا بچائيندڙ خدا! تون مون کي ڇڏي نہ ڏي.


آءٌ خدا کي، جيڪو منهنجو محافظ آهي چوان ٿو تہ ”تو مون کي ڇو وساري ڇڏيو آهي، جو آءٌ پنهنجي دشمنن جي ظلم ڪري روئندو رڙندو پيو وتان؟“


اهي هيئن چون ٿا تہ ”خدا هن کي ڇڏي ڏنو آهي. سو هن جي پٺيان پئي کيس پڪڙيو، ڇوجو کيس ڇڏائڻ وارو ڪوئي ڪونهي.“


جڏهن غريب ۽ محتاج ماڻهو پاڻي پيا ڳوليندا، پر پاڻي نہ ملڻ ڪري سندن زبانون اڃ سببان خشڪ ٿي ويون هونديون، تڏهن آءٌ خداوند انهن جون دعائون ٻڌندس. آءٌ بني اسرائيل جو خدا کين وساري نہ ڇڏيندس.


هائو، اها هر واٽهڙوءَ کي پڪاري چوي ٿي تہ ”اي واٽهڙؤ! ڏسو، ڇا اوهان جي نظر ۾ هي ڪجھہ بہ ناهي؟ غور سان ڏسو تہ جيڪو ڏک مون کي رسايو ويو آهي، تنهن جهڙو ڪنهن ٻئي جو ڏک آهي ڇا؟ هائو، اهو ئي ڏک، جيڪو خداوند پنهنجي سخت قهر واري وقت مون کي رسايو.


پوءِ تو اسان کي هيتري وقت کان ڇو وساري ڇڏيو آهي؟ ڇو تو وڏي عرصي کان اسان کي ڇڏي ڏنو آهي؟


هائو، اڃا مون دعا ئي پئي گھري تہ اهو ئي شخص جبرائيل، جنهن کي مون اڳ رويا ۾ ڏٺو هو، سو اٽڪل شام جي قربانيءَ واري وقت تيزيءَ سان اڏامندو مون وٽ آيو.


منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇانئجي ويئي، جيڪا اٽڪل ٽي بجي تائين هلي.


ٽي بجي ڌاري عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”ايلي! ايلي! لما شبقتني؟“ يعني ”منهنجا خدا! اي منهنجا خدا! تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“


اهو صبح جو اٽڪل نائين بجي جو وقت هو جڏهن انهن کيس صليب تي چاڙهيو.


جيڪي ماڻهو اُتي بيٺا هئا تن مان ڪي سندس اهي لفظ ٻڌي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، هو الياس نبيءَ کي سڏي رهيو آهي.“


پوءِ سج ڪاراٽجي ويو ۽ منجھند جي مهل کان وٺي اٽڪل ٽي بجي تائين سڄي ملڪ تي اونداهي ڇانيل رهي. تڏهن هيڪل جو مقدس ترين جاءِ وارو پردو ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو


۽ عيسيٰ وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ پنهنجو روح تنهنجي هٿن ۾ ٿو سونپيان.“ بس، ايترو چئي دم ڏنائين.


هڪڙي ڏينهن اٽڪل ٽي بجي هن کي رويا ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ خدا جي هڪڙي ملائڪ کي چٽيءَ طرح ڏٺائين، جنهن چيس تہ ”اي ڪُرنيليس!“


عيسيٰ پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ زاروزار روئي ۽ دانهون ڪري خدا کان دعائون گھريون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انهيءَ ادب واري تابعداريءَ جي ڪري سندس دعائون قبول پيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ