Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 15:26 - Muslim Sindhi Bible

26 انهن سپاهين هن جي مٿان هڪڙي تختي بہ هنئي جنهن تي سندس موت جو اهو سبب لکيل هو تہ ”هي آهي يهودين جو بادشاهہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ سندس تهمت نامو لکي مٿس هڻي ڇڏيو هئائونس، تہ ”يهودين جو بادشاهہ“.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 انهن سپاهين هن جي مٿان هڪڙي تختي بہ هنئي جنهن تي سندس موت جو اهو سبب لکيل هو تہ ”هي آهي يهودين جو راجا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 گناھہ جو اھو سبب لکي ھن جي مٿان ھنيائون تہ ”يھودين جو بادشاھہ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 15:26
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو کين چوي ٿو تہ ”مون تہ پنهنجي پاڪ جبل صيئون تي، پنهنجو ئي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“


توڙي جو انسان ڪيڏو بہ غصو ڪري، تہ بہ هو تنهنجيءَ تعريف جو سبب بڻبو. هائو، سندس غصي جي نتيجي ۾ تون واکاڻ جو تاج پائيندين.


خداوند حڪمرانن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ٿو رکي، هو جيڏانهن چاهي ٿو، تيڏانهن پاڻيءَ جي واهين وانگر کين وهائي ٿو.


پر اشور جو شهنشاهہ خداوند جي اها ڳالهہ نہ ٿو سمجھي، انهيءَ جي ابتڙ هو پنهنجيءَ دل ۾ ڏاڍائيءَ جا منصوبا پيو جوڙي، تان‌تہ گھڻين ئي قومن کي ماري چٽ ڪري ڇڏي.


اهو آءٌ ئي آهيان جيڪو ڪنهن ڳالهہ جي شروعات ۾ ئي انهيءَ جي پڇاڙيءَ بابت آگاهہ ٿو ڪريان. جيڪي ڳالهيون اڃا ٿيون ئي ڪين آهن، تن بابت شروعات ۾ ئي مون ٻڌائي ڇڏيو آهي. آءٌ چوان ٿو تہ منهنجا منصوبا ناڪام نہ ويندا، بلڪ جيڪو آءٌ چاهيندس سو ضرور ٿيندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي صيئون جا رهاڪؤ! ڏاڍا سرها ٿيو، هائو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! خوشيءَ وچان نعرا هڻو. ڏسو، توهان جو بادشاهہ توهان وٽ اچي ٿو، جيڪو سچار ۽ فاتح آهي. انهيءَ هوندي بہ هو ايترو تہ حليم آهي، جو گڏهہ تي سوار آهي، هائو، گڏهِہ جي ٻچي تي.


۽ اچي پڇيائون تہ ”يهودين جو بادشاهہ جيڪو پيدا ٿيو آهي، سو ڪٿي آهي؟ اسان هن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آهي ۽ اسين هن کي سجدو ڪرڻ لاءِ آيا آهيون.“


انهن صليب تي هن جي مٿان هڪڙي تختي پڻ هنئي جنهن تي سندس موت جو اهو سبب لکيائون تہ ”هي عيسيٰ آهي، يهودين جو بادشاهہ.“


پلاطس کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو بادشاهہ آهين؟“ عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“


انهن ٻہ ٻيا بہ ماڻهو صليب تي چاڙهيا جيڪي ڌاڙيل هئا، انهن مان هڪڙو سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو.


هاڻي ڏسون تہ هي مسيح، بني اسرائيل جو بادشاهہ، ڪيئن ٿو صليب تان هيٺ لهي اچي، تہ پوءِ اسين بہ ٿا مٿس ايمان آڻيون.“ عيسيٰ سان گڏ جيڪي ماڻهو صليب تي چڙهيل هئا، تن بہ مٿس ٺٺوليون پئي ڪيون.


پر خداوند اوهان جي خدا بلعام جي نہ ٻڌي، بلڪ اوهان جي لاءِ لعنت کي ڦيرائي برڪت ڪيائين، ڇوجو خداوند اوهان جي خدا کي اوهان سان محبت هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ