Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 14:58 - Muslim Sindhi Bible

58 ”اسان هن کي هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ ماڻهن جي ٺهيل هن هيڪل کي ڊاهيندس ۽ ٽن ڏينهن اندر اهڙي هيڪل ٺاهيندس جيڪا ماڻهن جي ٺهيل نہ هوندي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

58 اسان هن کي چوندو ٻُڌو آهي، تہ هي هيڪل جو هٿن سان جوڙيو ويو آهي، تنهن کي آئون ڊاهيندس، ۽ وري ٽن ڏينهن ۾ ٻيو اڏيندس، جو هٿن کانسواءِ جُڙيل هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

58 ”اسان هن کي هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ ماڻهن جي ٺهيل هن هيڪل کي ڊاهيندس ۽ ٽن ڏينهن اندر اهڙي هيڪل ٺاهيندس جيڪا ماڻهن جي ٺهيل نہ هوندي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

58 ”اسان ھن کي ھي چوندي ٻڌو آھي تہ ’آءٌ ماڻھن جي ٺھيل ھيڪل کي ڊاھيندس ۽ ٽن ڏينھن کان پوءِ اھڙو ھيڪل ٺاھيندس جيڪو ماڻھن جو ٺھيل نہ ھوندو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 14:58
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن توهان انهيءَ کي ڏٺو پئي، تڏهن اوچتو هڪڙو وڏو پٿر انساني هٿ لڳڻ کان سواءِ ٽڪر مان ٽٽي نڪتو ۽ انهيءَ مورتيءَ جي پيرن تي اچي ڪريو، جيڪي لوهہ ۽ ٺڪر جا هئا ۽ انهن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيائين.


۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان هن ماڻهوءَ کي اهو چوندي ٻڌو آهي تہ ’آءٌ خدا جي هيڪل ڊاهي سگھان ٿو ۽ ٽن ڏينهن اندر ان کي وري ٺاهي بہ سگھان ٿو.‘“


پوءِ ڪي ماڻهو اُٿي بيٺا ۽ عيسيٰ تي هيءَ تهمت هنيائون تہ


پر انهن جي هن شاهديءَ بہ ميل نہ ٿي کاڌو.


جيڪي ماڻهو اتان لنگھن پيا سي پنهنجا ڪنڌ ڌوڻي ٺٺوليون ڪري عيسيٰ کي چون پيا تہ ”واہ واہ! اهو تون ئي آهين نہ، جيڪو ٽن ڏينهن ۾ هيڪل ڊاهين ۽ وري ٺاهين پيو.


عيسيٰ وراڻين تہ ”اوهين هن هيڪل کي ڊاهيو تہ آءٌ اها ٽن ڏينهن ۾ وري ٺاهيندس.“


تنهن هوندي بہ خدا تعاليٰ هٿن سان جوڙيل گھرن ۾ نہ ٿو رهي، جيئن هو نبيءَ جي معرفت فرمائي ٿو تہ ’آسمان منهنجو تخت آهي ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي. سو اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گھر اڏيندا، يا منهنجي آرام جي جاءِ ڪٿي ٺاهيندا؟


انهيءَ جو سبب هي آهي جو اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان جو جسم جيڪو هن ڌرتيءَ تي جھوپڙيءَ جهڙو ڪچو گھر آهي، سو جيڪڏهن ڊاهيو وڃي تہ بہ اسان لاءِ خدا وٽ آسمان تي هڪڙو پڪو گھر آهي. اهو انساني هٿن سان جوڙيل نہ آهي، بلڪ هميشہ قائم رهندڙ آهي.


پر هاڻي مسيح انهن چڱين ڳالهين جو سردار ڪاهن ٿي اچي چڪو آهي، جيڪي هينئر موجود آهن. هو زمين تي انسان جي ٺاهيل خيمي ۾ نہ، پر انهيءَ کان وڌيڪ عظيم ۽ ڪامل خيمي جي رستي


اهو ئي سبب آهي جو مسيح انسان جي ٺاهيل انهيءَ مقدس ترين جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جيڪا حقيقي مقدس ترين جاءِ جو رڳو نقل هئي. پر هو آسمان ۾ ئي داخل ٿيو، تہ جيئن هاڻي خدا جي حضور ۾ اسان جي خاطر حاضر رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ