Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 14:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اهو عطر ٽي سؤ چانديءَ جي سڪن کان بہ وڌيڪ قيمت ۾ وڪامجي سگھيو ٿي ۽ اهي پئسا غريبن کي ڏجن ها.“ سو اُهي انهيءَ عورت کي سختيءَ سان نندڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ڇالاءِ تہ جيڪر هي عطر ٽن سون دينارن کان بہ زيادہ قيمت تي وڪڻي غريبن کي ڏجي ها. ۽ هو انهيءَ زال جي برخلاف سُر پُر ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 اهو عطر ٽي سؤ چانديءَ جي سڪن کان بہ وڌيڪ قيمت ۾ وڪامجي سگھيو ٿي ۽ اهي پئسا غريبن کي ڏجن ها.“ سو اُهي انهيءَ ناري کي سختيءَ سان نندڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 اھو ٽي ⁠سؤ چانديءَ جي سڪن کان بہ وڌيڪ قيمت ۾ وڪڻي غريبن ۾ ورھائجي ھا.“ سو اُھي انھيءَ عورت کي سختيءَ سان نندڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 14:5
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ان جي بدران هو پنهنجي تنبن ۾ ويهي ڪِرڪِر ڪرڻ لڳا، ۽ ڪنعان وڃڻ واري خداوند جي حڪم جي نافرماني ڪيائون.


پوءِ جڏهن اهو نوڪر ٻاهر نڪتو تہ پنهنجو هڪ ساٿي نوڪر مليس جنهن ڏانهن هن جا هڪ سؤ چانديءَ جا سڪا قرض هئا. هن انهيءَ کي جھلي ڳچيءَ کان وٺي چيس تہ ’مون کي منهنجو قرض واپس ڏي.‘


انهن پئسا تہ کنيا پر باغ جي مالڪ خلاف ڪُرڪڻ لڳا تہ


هي عطر وڏيءَ رقم ۾ وڪامجي سگھيو ٿي ۽ اهي پئسا غريبن کي ڏجن ها.“


تڏهن اتي ويٺلن مان ڪي پنهنجيءَ دل ۾ ڪاوڙيا ۽ چيائون تہ ”هي عطر ڇو زيان ڪيو ويو؟


تنهن تي عيسيٰ کين چيو تہ ”هن کي ڇو ٿا ستايو؟ کيس ڇڏي ڏيو. هن منهنجي لاءِ تمام سٺو ڪم ڪيو آهي.


تڏهن فريسي ۽ شريعت جا عالم پاڻ ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳا تہ ”ڏسو، هي تہ گنهگارن جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ ساڻن گڏ ٿو کائي!“


ڪن ائين پئي سمجھيو تہ جيئن تہ يهوداہ وٽ پئسن جي ڳوٿري رهندي آهي، تنهنڪري عيسيٰ چويس ٿو تہ ”عيد جي لاءِ جيڪي شيون وٺڻيون اٿيئي سي وٺ،“ يا وري ”ڪجھہ غريبن کي ڏي.“


عيسيٰ کين چيو تہ ”مون بابت ڀڻ ڀڻ بند ڪريو.


تنهن تي فلپس وراڻيس تہ ”جيڪڏهن هر هڪ کي ٽڪر ڳڀو ئي ڏجي، تہ بہ انهن لاءِ ٻہ سؤ چانديءَ جي سڪن جون مانيون پوريون نہ پونديون.“


نڪي وري اسان کي ڪُرڪڻ ڪنجھڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ موت واري فرشتي هٿان چٽ ٿي ويا.


چوري ڪرڻ وارو اڳتي چوري نہ ڪري، پر اٽلندو ڪو چڱو ڪم اختيار ڪندي پنهنجي هٿن سان محنت ڪري، تہ جيئن ڪنهن ضرورتمند کي ڏيڻ لاءِ بہ وٽس ڪجھہ هجي.


اوهين پنهنجن تنبن ۾ ويهي ڪرڪڻ لڳا تہ ’خداوند اسان کان نفرت ٿو ڪري، تنهنڪري ئي هو اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو، تان‌تہ اسان کي امورين جي هٿان گرفتار ڪرائي ۽ اهي اسان کي ماري ڇڏين.


سڀ ڪم شڪايت ۽ تڪرار ڪرڻ کان سواءِ ڪندا رهو،


اهي ماڻهو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، پنهنجين برين خواهشن تي هلندڙ ۽ لٻاڙون هڻندي پنهنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ