Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 14:45 - Muslim Sindhi Bible

45 هو پهچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ کيس ”استاد!“ سڏي چمي ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

45 ۽ جڏهن هو اچي پهتو، تڏهن يڪدم وٽس اچي چيائين تہ اي اُستاد؛ ۽ چُميائينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

45 هو پهچڻ شرط سڌو يسوع وٽ آيو ۽ کيس ”گرو!“ سڏي چمي ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

45 ھو پھچڻ شرط سڌو عيسيٰ وٽ آيو ۽ اچي ”سائين! سائين!“ ڪري کيس چمي ڏنائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 14:45
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تہ ڍڳو بہ پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو، ۽ گڏهہ بہ پنهنجي آهر کي ڄاڻي ٿو، پر بني اسرائيل کي تہ اها بہ خبر ڪانهي، هائو، منهنجي قوم اهو سمجھي ئي نہ ٿي.“


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي نالي کي خسيس ڄاڻيندڙ ڪاهنؤ! جڏهن تہ پٽ پنهنجي پيءُ جي ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، سو جيئن تہ آءٌ پيءُ آهيان تہ پوءِ منهنجي عزت ڇو نہ ٿا ڪريو؟ جڏهن تہ آءٌ مالڪ آهيان تہ پوءِ منهنجو خوف ڇو نہ ٿا ڪريو؟ وري ائين بہ ٿا چئو تہ ’اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي کي خسيس ڄاتو آهي؟‘


اهي هن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان کي خبر آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ ڪنهن جي پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيک‌ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، بلڪ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. سو اسان کي ٻڌايو تہ رومي شهنشاهہ قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟ اسين اُن کي ٽيڪس ڏيون يا نہ؟“


هن دغاباز انهن کي اها نشاني سمجھائي هئي تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ چميان سو ئي عيسيٰ هوندو. انهيءَ کي پڪڙجو ۽ پهري هيٺ وٺي وڃجوس.“


پوءِ تہ هنن عيسيٰ کي جھلي قابو ڪيو.


”اوهين ڇو مون کي ’خداوند، خداوند‘ چئو ٿا، جڏهن تہ منهنجي چوڻ تي عمل نہ ٿا ڪريو؟


عيسيٰ چيس تہ ”مريم!“ تنهن تي مريم ڦري عبرانيءَ ۾ چيس تہ ”ربوني!“ يعني ”اي منهنجا استاد!“


هوڏانهن عيسيٰ جي شاگردن کيس عرض ڪيو تہ ”اي استاد! ڪجھہ کائو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ