Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 14:31 - Muslim Sindhi Bible

31 تڏهن پطرس ڏاڍي جوش سان وراڻيس تہ ”آءٌ ائين ڪڏهن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوهان سان گڏ مرڻو پوي.“ ٻين سڀني بہ اهڙيءَ طرح اقرار ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 پر هن ڏاڍي جوش مان چيس تہ جيڪڏهن مون کي توسان گڏ مرڻو بہ پوي، تہ بہ آئون انڪار ڪين ڪندس. ۽ ٻين سڀني بہ انهيءَ طرح چيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

31 تڏهن پطرس ڏاڍي جوش سان وراڻيس تہ ”آءٌ ائين ڪڏهن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوهان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوهان سان گڏ مرڻو پوي.“ ٻين سڀني بہ اهڙيءَ طرح اقرار ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 تڏھن پطرس ڏاڍي جوش سان وراڻيو تہ ”آءٌ ڪڏھن بہ نہ چوندس تہ آءٌ اوھان کي نہ ٿو سڃاڻان، توڙي جو مون کي اوھان سان گڏ مرڻو پوي.“ تڏھن ٻين سڀني بہ اھڙيءَ طرح اقرار ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 14:31
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن فرعون کانئس پڇيو تہ ”هتي تو کي ڪهڙي شيءِ جي ڪمي آهي جو تون پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي وڃڻ ٿو گھرين؟“ هدد وراڻيو تہ ”ڪنهن شيءِ جي بہ نہ، پر تڏهن بہ مون کي موڪل ڏيو.“


تڏهن حزائيل کيس چيو تہ ”آءٌ اوهان جو ٻانهو تہ خسيس ماڻهو آهيان، سو آءٌ ايڏو ڪم ڪيئن ڪري سگھندس؟“ پر اليشع کيس وراڻيو تہ ”خداوند مون کي ڄاڻايو آهي تہ تون ارام جو بادشاهہ ٿيندين.“


پنهنجي خوشحاليءَ جي وقت مون سوچيو ٿي تہ ”مون کي ڪڏهن بہ ڪو لوڏو ڪين ايندو.“


تنهن تي سڀني ماڻهن گڏجي ورندي ڏني تہ ”جيڪي خداوند فرمايو آهي سو سڀ اسين ڪنداسين.“ موسيٰ ماڻهن جو اهو جواب خداوند کي ٻڌائڻ ويو.


مغرورن کي تباهي وَ برباديءَ تائين پهچايو ويندو. هائو، هٺيلن کي ڪنڌ ڀر ڪيرايو ويندو.


گھڻا دوست اهڙا هوندا آهن، جيڪي برباديءَ جو سبب ٿا بڻجن، پر ڪو اهڙو دوست بہ هوندو آهي، جيڪو ڀائرن کان بہ وڌيڪ ويجھو ٿئي ٿو.


ماڻهوءَ جي مغروري نيٺ کيس نيچو ڪريو ڇڏي. مگر جيڪو نهٺو آهي سو ضرور عزت حاصل ڪري ٿو.


اي خدواند! مون کي خبر آهي تہ انسان جو رستو سندس وس ۾ ناهي. اهو سندس اختيار ۾ ناهي تہ جيڏانهن وڻيس تيڏانهن پنهنجيون وکون کڻي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”دل سڀني شين کان وڌيڪ پُرفريب آهي، انهيءَ جي ٺڳي لاعلاج آهي، انهيءَ جي ڳُجھہ کي ڪير سمجھي سگھي ٿو؟


پر جيڪو ماڻهن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنهن کي آءٌ بہ پنهنجي آسمان واري پيءُ جي اڳيان قبول نہ ڪندس.“


انهن چيس تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“ تنهن تي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”بيشڪ اوهين بہ اهو پيالو پيئندا جيڪو مون کي پيئڻو آهي ۽ اوهين بہ اها بپتسما وٺندا جيڪا مون کي وٺڻي آهي.


عيسيٰ پطرس کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ رات ئي ڪڪڙ جي ٻہ دفعا ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“


جڏهن اهي گتسمني نالي هڪ باغ ۾ آيا، تڏهن عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”اوهين هتي ويهي رهو تہ آءٌ دعا گھري اچان.“


پر اهي واڪا ڪري زور رکي چوندا رهيا تہ ”صليب تي چاڙهيوس.“ ائين گوڙ ڪري اهي پنهنجي ڳالهہ مڃائي ويا.


پطرس پڇيس تہ ”اي خداوند! آءٌ تو سان هاڻي ڇو نہ ٿو هلي سگھان؟ آءٌ تہ تنهنجي لاءِ پنهنجي جان بہ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ