Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 14:12 - Muslim Sindhi Bible

12 بي‌خميري مانيءَ جي عيد جي پهرئين ڏينهن تي جڏهن هنن عيد فصح جي قربانيءَ جي لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏهن شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوهين عيد فصح جي ماني ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ فطيري عيد جي پهرئين ڏينهن، جڏهن هنن فسح جي قرباني ٿي چاڙهي، تڏهن هن جي شاگردن کيس چيو تہ تنهنجي مرضي ڪهڙي آهي، تہ اسين تنهنجي فسح کائڻ جي ڪٿي وڃي تياري ڪريون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 بي‌خميري روٽيءَ واري تهوار جي پهرئين ڏينهن تي جڏهن هنن فصح جي تهوار جي ٻليدان لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏهن چيلن يسوع کان پڇيو تہ ”اوهين فصح جي تهوار واري رسوئي ڪٿي کائڻ پسند ڪندا، تہ جيئن اسين وڃي تياري ڪريون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 بي⁠خميري مانيءَ جي عيد جي پھرين ڏينھن تي جڏھن ھنن عيد فصح جي قربانيءَ جي لاءِ گھيٽا پئي ڪُٺا، تڏھن شاگردن عيسيٰ کان پڇيو تہ ”اوھان جي ڪھڙي مرضي آھي تہ اسين اوھان جي عيد فصح کائڻ جي تياري ڪٿي ڪريون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 14:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام کان وٺي ايڪيهين تاريخ شام تائين اوهين جيڪا ماني کائو، تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي.


هر ڪٽنب ان کي ساڳئي مهيني جي چوڏهين تاريخ تائين پاڻ وٽ حفاظت ۾ رکي. پوءِ انهيءَ ڏينهن شام جي وقت بني اسرائيل جو هر ڪٽنب انهيءَ کي ذبح ڪري.


انهيءَ ئي رات هو ان جي گوشت کي باهہ تي رکي پچائي، اهو بي‌خميري مانيءَ ۽ ڪؤڙي ڀاڄيءَ سان گڏ کائين.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”هن ڏينهن کي ياد رکجو. هن ئي ڏينهن اوهين مصر کان ٻاهر آيا، انهيءَ جاءِ کان جتي اوهين غلام هئا. هي اهو ئي ڏينهن آهي جڏهن خداوند پنهنجي زبردست قدرت سان اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو. سو هن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


تنهن تي عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”في‌الحال تہ منهنجي مڃ، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح اسين خدا جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يحيٰ کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪيو.


فصح ۽ بي‌خميري مانيءَ جي عيد ٻن ڏينهن کان پوءِ اچڻي هئي. سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن وجھہ پئي ڳوليو تہ اهي ڪهڙيءَ طرح عيسيٰ کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائين.


يهوداہ جي هن ڳالهہ تي اهي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هن کي پئسن ڏيڻ جو انجام ڪيائون. پوءِ هو موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو تہ ڪهڙيءَ طرح عيسيٰ کي پڪڙائي.


تنهن تي عيسيٰ پنهنجي ٻن شاگردن کي اهو چئي موڪليو تہ ”شهر ۾ وڃو. اتي اوهين هڪڙو اهڙو ماڻهو ڏسندا، جنهن کي پاڻيءَ جو دلو کنيل هوندو. اوهين انهيءَ جي پٺيان وڃجو.


پر جڏهن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنهنجو فرزند ڌرتيءَ تي موڪليو، جنهن کي هڪ عورت جنم ڏنو. هو شريعت جي وس هيٺ هجڻ واري وقت آيو،


اوهين عيد فصح جي قرباني پنهنجي ڪنهن بہ شهر ۾ نہ ٿا ڪري سگھو، جيڪي شهر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ