Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 13:7 - Muslim Sindhi Bible

7 جڏهن اوهين ويجھو ۽ پري وارين جنگين جون ڳالهيون ٻڌو تڏهن نہ گھٻرائجو. اهي ڳالهيون ٿينديون ضرور، پر اها اڃا پڄاڻي نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ جڏهن اوهين جنگين جون ڳالهيون ۽ جنگين جا افواهہ ٻُڌو، تڏهن گهٻرائجو نہ؛ اهي ڳالهيون ضرور ٿينديون، پر اڃا پڄاڻي نہ آئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

7 جڏهن اوهين ويجھو ۽ پري وارين جنگين جون ڳالهيون ٻڌو تڏهن نہ گھٻرائجو. اهي ڳالهيون ٿينديون ضرور، پر اها اڃا پڄاڻي نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 جڏھن اوھين جنگين جون ڳالھيون ۽ جنگين جا افواھہ ٻڌو تڏھن نہ گھٻرائجو. اھي ڳالھيون ٿينديون ضرور پر اڃا اھا پڄاڻي نہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 13:7
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن تہ اسان سڀني کي ضرور مرڻو آهي ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ وانگر آهيون جيڪو زمين تي هاريو ويو هجي ۽ وري گڏ ٿي نہ سگھي. سو ڪنهن جي حياتيءَ کي ختم ڪرڻ کان اڳ خدا اهڙا اپاءَ ٿو وٺي تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ جي لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.


ڪابہ بري خبر کين ڊيڄاري نہ سگھندي، ڇاڪاڻ تہ هو پختيءَ دل سان خداوند تي ڀروسو رکن ٿا.


توڙي جو ڪو لشڪر اچي منهنجي چوڌاري گھيرو ڪندو، تڏهن بہ منهنجيءَ دل کي ڪو خوف نہ ٿيندو. توڙي جو منهنجي مٿان ڪا جنگ اچي ڪڙڪندي، تڏهن بہ منهنجي توڪل خدا تي ئي رهندي.


سو اوهان کي انهن اوچتين مصيبتن جو ڪوبہ فڪر ڪونہ هوندو، جيڪي بدڪارن تي طوفان جيان اچي ڪڙڪن ٿيون.


”جن سڀني ڳالهين کي هيءَ قوم سازش چوي ٿي، تن کي اوهين سازش نہ چئو. جن ڳالهين کان هو ڊڄن ٿا، تن کان اوهين نہ ڊڄو. هائو، اوهين بلڪل نہ گھٻرايو.


هر سال مختلف افواهہ پيا هلندا آهن تہ ملڪ ۾ ظلم هلندو رهي ٿو، يا هڪڙو حاڪم ٻئي سان مقابلو ڪري ٿو. پر اوهين همت نہ هاريو، نہ وري ملڪ ۾ هليل انهن افواهن جي ڪري ڪو ڊپ ڪريو.


حيف آهي هن دنيا تي، جنهن جون شيون ماڻهن کي گمراهہ ٿيون ڪن. ماڻهو گمراهہ تہ ضرور ٿيندو پر مصيبت آهي اُن ماڻهوءَ لاءِ جنهن جي وسيلي اهو گمراهہ ٿئي ٿو.


هيروديس بادشاهہ جڏهن هي ٻڌو تہ هو ۽ يروشلم جا سڀيئي ماڻهو ڏاڍا پريشان ٿيا.


ڇو تہ ڪيترائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ پاڻ کي مسيح سڏائي ڪيترن ئي ماڻهن کي گمراهہ ڪندا.


قوم، قوم سان وڙهندي ۽ بادشاهت، بادشاهت تي چڙهائي ڪندي. ڪيترن ئي هنڌن تي زلزلا ايندا ۽ ڏڪار پوندا. اهي ڳالهيون تہ مصيبتن جي شروعات هونديون.


پوءِ عيسيٰ شاگردن کي وڌيڪ چيو تہ ”پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو. خدا تي ڀروسو رکو ۽ مون تي بہ ڀروسو رکو.


آءٌ اوهان کي سلامتي ڏيئي ٿو وڃان، اهڙي نہ ٿو ڏيان جهڙي دنيا ڏئي ٿي، بلڪ پنهنجي سلامتي ڏيان ٿو. سو اوهين پنهنجيءَ دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.


هو دليل ڏيئي ثابت ڪري چوندو هئن تہ ”اهو ضروري هو تہ مسيح تڪليفون سهي مري ۽ مئلن مان وري جيئرو ٿي اُٿي.“ هن چين تہ ”هي عيسيٰ جنهن جي آءٌ اوهان جي اڳيان منادي ٿو ڪريان، سو ئي مسيح آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ