مرقس 13:19 - Muslim Sindhi Bible19 جيڪا مصيبت انهن ڏينهن ۾ ايندي سا ايڏي تہ وڏي هوندي جو خدا جي دنيا پيدا ڪرڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڪا آئي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ايندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible19 ڇالاءِ جو اُهي ڏينهن اهڙا مصيبت جا ٿيندا، جهڙاڪ خدا جي پيدا ڪيل خلقت جي شروعات کان وٺي اڄ تائين نہ ٿيا آهن، ۽ نہ ڪڏهن ٿيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible19 جيڪا مصيبت انهن ڏينهن ۾ ايندي سا ايڏي تہ وڏي هوندي جو ايشور جي سنسار پيدا ڪرڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڪا آئي آهي ۽ نہ وري ڪڏهن ايندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament19 جيڪا مصيبت انھن ڏينھن ۾ ايندي سا اھڙي تہ خراب ھوندي جو خدا جي دنيا پيدا ڪرڻ کان وٺي اڄ ڏينھن تائين اھڙي مصيبت نہ ڪا آئي آھي ۽ نہ وري ڪڏھن ايندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
مون دانيال کي انهيءَ هستيءَ وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ وقت وڏو فرشتو ميڪائيل، جيڪو تنهنجي قوم جي حفاظت ٿو ڪري سو اُٿي کڙو ٿيندو. اهو وقت اهڙو تہ مصيبتن جو هوندو جيڪو قومن جي شروعات کان وٺي ان وقت تائين اڳ ۾ ڪڏهن نہ آيو هوندو. انهيءَ ئي وقت تنهنجي قوم کي ڇڏايو ويندو، هائو، انهن سڀني کي جن جا نالا خدا جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.
انهيءَ مدي جي آخر ۾ هڪڙو ڌاريو حڪمران ڪاهہ ڪري ايندو، جنهن جو لشڪر شهر ۽ انهيءَ مقدس هيڪل کي طوفان وانگر ناس ڪري ڇڏيندو. پوءِ انهن ٻاهٺ دفعا ستن ستن سالن جي پڇاڙيءَ تائين جنگ هلندي رهندي، جنهن ۾ اهو چونڊيل بادشاهہ قتل ڪيو ويندو ۽ سندس پٺيان ڪو بادشاهي ڪرڻ وارو نہ رهندو. خدا جي طرفان اها بربادي مقرر ڪيل آهي.