Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 13:17 - Muslim Sindhi Bible

17 انهن ڏينهن ۾ جيڪي عورتون پيٽ سان هونديون، يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا، تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 پر اُنهن لاءِ افسوس آهي، جي پيٽ سان هونديون، ۽ اُنهن لاءِ جن کي اُنهن ڏينهن ۾ ٻار ٿڻن تي هوندا!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 انهن ڏينهن ۾ جيڪي ناريون پيٽ سان هونديون، يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا، تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 انھن ڏينھن ۾ جيڪي پيٽ سان ھونديون، يا جن کي ننڍڙا ٻار ٿڻن تي ھوندا، تن لاءِ ڪيڏي نہ مصيبت ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 13:17
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي قوم تي آيل مصيبت ماڻهن ۾ اهڙي تہ وحشت وجھي ڇڏي، جو مامتا رکندڙ عورتن بہ پنهنجي ٻارڙن کي پنهنجن هٿن سان اوٻاري خوراڪ ٿي بڻايو.


اسرائيل جي سامريہ شهر وارن کان بدلو ورتو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اهي پنهنجي خدا کان باغي ٿي ويا آهن، اهي جنگ ۾ قتل ڪيا ويندا، سندن ٻارن کي اڇلائي ماريو ويندو، ۽ سندن حمل وارين عورتن جا پيٽ ڦاڙيا ويندا.“


هاڻي آءٌ تو کي انهن ماڻهن جي لاءِ وڌيڪ ڇا چوان؟ بس، سندن ٻار پيٽ اندر ئي مري وڃن ۽ انهن جي مائرن جو ٿڃ سڪي وڃي!


تنهنڪري انهن عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”ڇا تون اهو نہ ٿو ٻڌين جيڪو هو چون پيا؟“ عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”هائو. ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ نہ پڙهيو آهي تہ ’تو ٻارن ۽ کير پياڪن کان پنهنجي واکاڻ ڪرائي آهي.‘“


۽ جيڪو ماڻهو ٻنيءَ ۾ هجي سو بہ گھر ڏانهن ڪپڙا کڻڻ لاءِ نہ موٽي.


خدا کان دعا گھرو تہ شل اهي ڳالهيون سياري ۾ نہ ٿين.


افسوس آهي انهن عورتن تي جيڪي انهن ڏينهن ۾ پيٽ سان هونديون يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا، ڇاڪاڻ تہ هن ملڪ تي وڏي مصيبت ايندي ۽ هن قوم تي غضب نازل ٿيندو.


ڇاڪاڻ تہ اهي ڏينهن اچن پيا جڏهن ماڻهو چوندا تہ ’سڀاڳيون آهن اهي سنڍ عورتون جن ڪڏهن بہ ٻار نہ ڄڻيا آهن ۽ نہ ڪڏهن ٿڃ پيئاري اٿائون.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ