Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 13:1 - Muslim Sindhi Bible

1 عيسيٰ جڏهن هيڪل مان ٻاهر نڪتو پئي تہ سندس شاگردن مان هڪڙي چيس تہ ”اي استاد! ڏسو تہ هي ڪيڏا نہ سهڻا پٿر ۽ ڪيڏيون نہ خوبصورت عمارتون آهن!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 جڏهن هو هيڪل مان ٻاهر نڪتو، تڏهن سندس شاگردن مان هڪڙي چيس، تہ اي اُستاد، ڏس هي ڪهڙا نہ پهڻ ۽ ڪهڙيون نہ عمارتون آهن!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 يسوع جڏهن هيڪل مان ٻاهر نڪتو پئي تہ سندس چيلن مان هڪڙي چيس تہ ”اي گرو! ڏسو تہ هي ڪيڏا نہ سهڻا پٿر ۽ ڪيڏيون نہ خوبصورت عمارتون آهن!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 عيسيٰ جڏھن ھيڪل مان ٻاھر نڪتو پئي تہ سندس شاگردن مان ھڪڙي چيس تہ ”اي استاد! ڏسو تہ ڪھڙا نہ سھڻا پٿر ۽ عمارتون آھن!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 13:1
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون سراياہ کي چيو تہ ”جڏهن تون بابل ۾ پهچين تڏهن ياد رک، اهي سڀ ڳالهيون ڏاڍيان پڙهي ٻڌائجانءِ.


تڏهن انهن پنهنجا پر پکيڙيا ۽ منهنجي ڏسندي ئي اهي زمين تان مٿي چڙهي ويا ۽ سندن ڦيٿا بہ انهن سان گڏ مٿي چڙهيا. پوءِ اهي هيڪل جي اوڀر طرف واري دروازي جي لنگھہ وٽ وڃي بيٺا ۽ بني اسرائيل جي خدا جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني انهن جي مٿان هئي.


ان وقت خداوند جي موجودگيءَ واري تجليدار روشني پردار آسماني مخلوق تان مٿي کڄي ويئي ۽ هيڪل جي دروازي وٽ اچي بيٺي. تڏهن سڄي هيڪل ڪڪر سان ڀرجي ويئي ۽ ان جو پهريون اڱڻ خداوند جي جلوي جي روشنيءَ سان منور ٿي ويو.


تڏهن خدا مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تون ڏسين ٿو تہ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڏس، بني اسرائيل منهنجي مقدس هيڪل کي ڇڏي هتي ڪهڙا نہ ڪراهت وارا ڪم ٿا ڪن! پر تون اڃا بہ کين انهيءَ کان بہ وڌيڪ ڪراهت جهڙا ڪم ڪندي ڏسندين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ