Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 12:26 - Muslim Sindhi Bible

26 مري ويلن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت اوهان موسيٰ جي ڪتاب ۾ ٻرندڙ ٻوڙي واري بيان ۾ ڪين پڙهيو آهي ڇا تہ ڪيئن خدا موسيٰ سان ڳالهايو ۽ چيائينس تہ ’آءٌ ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آهيان.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 پر مئلن بابت تہ هو جي اُٿندا، اوهان موسيٰ جي ڪتاب جي ٻوٽي واري بيان ۾ ڪين پڙهيو آهي ڇا، تہ ڪيئن خدا ساڻس ڳالهايو ۽ چيائينس، تہ آئون ابراهيم جو خدا، ۽ اسحاق جو خدا، ۽ يعقوب جو خدا آهيان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 مري ويلن جي جيوت ٿي اٿڻ بابت اوهان موسيٰ جي شاستر ۾ ٻرندڙ ٻوڙي واري بيان ۾ ڪين پڙهيو آهي ڇا تہ ڪيئن ايشور موسيٰ سان ڳالهايو ۽ چيائينس تہ ’آءٌ ابرهام جو ايشور، اضحاق جو ايشور ۽ يعقوب جو ايشور آهيان.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 مري ويلن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت اوھان موسيٰ جي صحيفي ۾ ٻرندڙ ٻوڙي واري بيان ۾ ڪين پڙھيو آھي ڇا تہ ڪيئن خدا موسيٰ سان ڳالھايو ۽ چيائينس تہ ’آءٌ ابراھيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا آھيان‘؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 12:26
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جتي انهيءَ ئي رات خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ تنهنجي پيءُ ابراهيم جو خدا آهيان، تون بلڪل نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان. آءٌ پنهنجي ٻانهي ابراهيم سان ٻڌل عهد جي ڪري، تو کي برڪت عطا ڪندس ۽ تنهنجو نسل گھڻو وڌائيندس.“


پوءِ ڏٺائين تہ خداوند سندس ڀر ۾ بيٺو آهي ۽ چويس ٿو تہ ”آءٌ خداوند تنهنجي پيءُ ابراهيم ۽ اسحاق جو خدا آهيان. اها زمين جنهن تي تون سمهيو پيو آهين سا آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.


جيڪڏهن منهنجي پيءُ جو خدا، ابراهيم جو خدا جنهن جو اسحاق کي بہ خوف آهي، مون سان نہ هجي ها تہ توهين مون کي ضرور خالي هٿين روانو ڪريو ها. خدا منهنجو ڏک ۽ منهنجي هٿن جي محنت ڏسي ڪالهہ رات توهان کي ڇينڀيو آهي.“


پوءِ يعقوب دعا گھرندي چيو تہ ”اي منهنجي پيءُ ابراهيم جا خدا ۽ منهنجي پيءُ اسحاق جا خدا! اي خداوند! تو مون کي فرمايو تہ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجن مٽن مائٽن ڏانهن موٽي وڃ ۽ آءٌ تو کي وڌائيندس.


هن اتي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي، جنهن جو نالو ايل ايلاسرائيل رکيائين.


هاڻي تون وڃ ۽ وڃي بني اسرائيل جي اڳواڻن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪر ۽ کين ٻڌاءِ تہ مون خداوند سندن ابن ڏاڏن جي خدا ۽ ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي خدا تو کي ڏيکاري ڏيئي سندن لاءِ هي پيغام ڏنو آهي تہ ’سچ پچ مون اوهان جي سار لڌي آهي ۽ مصر ۾ جيڪي اوهان سان ٿي رهيو آهي سو ڏٺو اٿم.


ڇا اوهان پاڪ ڪلام ۾ هي نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.


ڏسو، مري ويل جڏهن جيئرا ٿي اٿندا تڏهن اهي نہ پرڻبا، نڪي پرڻائبا، بلڪ جيئن آسمان ۾ ملائڪ آهن تيئن اهي بہ هوندا.


مئلن جي جيئري ٿي اٿڻ بابت موسيٰ ٻرندڙ ٻوڙي واري واقعي ۾ پاڻ اهڙو اشارو ڏنو آهي. تنهنڪري ئي هو خداوند کي ’ابراهيم جو خدا، اسحاق جو خدا ۽ يعقوب جو خدا‘ ڪري سڏي ٿو.


عيسيٰ کيس چيو تہ ”مون کي چنبڙي نہ پئُہ. آءٌ اڃا پيءُ وٽ مٿي موٽي نہ ويو آهيان. پر تون منهنجي ڀائرن وٽ وڃ ۽ کين ٻڌاءِ تہ آءٌ مٿي موٽي وڃان ٿو پنهنجي پيءُ ۽ اوهان جي پيءُ ڏانهن، يعني پنهنجي خدا ۽ اوهان جي خدا ڏانهن.“


خدا پنهنجي انهيءَ قوم کي ڪيئن رد ڪندو، جنهن کي شروع کان ئي هن پنهنجو ٿي ڄاتو! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ پاڪ ڪلام ۾ الياس نبيءَ جي باري ۾ ڇا لکيل آهي؟ الياس بني اسرائيل جي خلاف خدا آڏو فرياد ڪندي چوي ٿو تہ


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ