مرقس 12:2 - Muslim Sindhi Bible2 جڏهن انگورن لهڻ جي مند آئي تہ هن انهن باغائين ڏانهن پنهنجو هڪڙو نوڪر موڪليو تہ انگورن جو ڀاڱو وٺي اچي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible2 ۽ موسم ۾ انهن آبادگارن ڏي هڪڙو نوڪر موڪليائين، انهي لاءِ تہ انهن آبادگارن کان انهي ڊاک جي باغ جي ميوي جو حصو وٺي اچي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Hindu Sindhi Bible2 جڏهن انگورن لهڻ جي مند آئي تہ هن انهن باغائين ڏانهن پنهنجو هڪڙو نوڪر موڪليو تہ انگورن جو ڀاڱو وٺي اچي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament2 جڏھن انگورن لھڻ جي مند آئي تہ باغائين ڏانھن ھڪڙو نوڪر موڪليائين تہ انگورن جو ڀاڱو وٺي اچي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
مون بار بار اوهان ڏانهن پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن. اهي اوهان کي منهنجو پيغام ٻڌائيندا رهيا آهن تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان باز اچي ۽ پنهنجا عمل سڌاري ۽ غير معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪري. تڏهن ئي اوهين انهيءَ ملڪ ۾ هميشہ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.‘ پر اوهان مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو، نہ وري اوهان منهنجي ڪا ٻڌي.