Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 12:19 - Muslim Sindhi Bible

19 ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان جي لاءِ موسيٰ شريعت ۾ فرمايو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪو ماڻهو زال ڇڏي بي‌اولاد مري وڃي تہ هن جو ڀاءُ ان جي رن‌زال پرڻجي، تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 اي استاد، موسيٰ اسان لاءِ لکي ويو آهي تہ جي ڪنهن ماڻهوءَ جو ڀاءُ مري وڃي، ۽ پٺيان زال بنا اولاد ڇڏي، تہ سندس ڀاءُ سندس زال پرڻجي، ۽ پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 ۽ چيائونس تہ ”اي گرو! اسان جي لاءِ موسيٰ نيم ۾ فرمايو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪو ماڻهو پتني ڇڏي بي‌اولاد مري وڃي تہ هن جو ڀاءُ ان جي وڌوا پرڻجي، تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان جي لاءِ موسيٰ فرمايو آھي تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو زال ڇڏي ري⁠اولاد مري وڃي تہ ھن جو ڀاءُ اُھا رن⁠زال پرڻجي، تہ جيئن سندس ڀاءُ لاءِ اولاد ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 12:19
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يهوداہ پنهنجي پٽ اونان کي چيو تہ ”پنهنجي ڀاڄائيءَ سان ڏير جو فرض ادا ڪر تہ جيئن تنهنجي ڀاءُ جو نسل جاري رهي.“


هڪڙا ست ڀائر هئا، پهرئين شادي ڪئي ۽ بي‌اولاد مري ويو.


هاڻي جيئن تہ ست ئي ڀائر هن سان پرڻيا هئا، سو قيامت جي ڏينهن، جڏهن ماڻهو جيئرا ٿي اٿندا تڏهن اها عورت انهن ستن مان ڪنهن جي زال ٿيندي؟“


تڏهن بوعز کيس چيو تہ ”جنهن ڏينهن تون اها ٻني نعوميہ کان خريد ڪري وٺندين، تنهن ڏينهن تو کي رُوت موآبڻ کي بہ وٺڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ هوءَ فوتيءَ جي زال آهي، انهيءَ لاءِ تہ فوتيءَ جو نالو سندس ميراث تي قائم رهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ