Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 12:15 - Muslim Sindhi Bible

15 عيسيٰ انهن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوهين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟ چڱو ڀلا، هڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي اچي مون کي ڏيکاريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 اسين ڏيون يا نہ ڏيون؟ پر هن انهن جي رياڪاري سهي ڪري چيو، تہ اوهين ڇو ٿا مون کي آزمايو؟ هڪڙو دينار مون وٽ کڻي اچو تہ آئون ڏسان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

15 يسوع انهن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوهين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟ چڱو ڀلا، هڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي اچي مون کي ڏيکاريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

15 عيسيٰ انھن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ ”اوھين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟“ پوءِ چيائين تہ ”ھڪڙو چانديءَ جو سڪو کڻي اچو تہ آءٌ اُن کي ڏسان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 12:15
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! بني اسرائيل کي هڪڙي نصيحت واري ڪهاڻي مثال طور ٻڌاءِ.


هنن سان روز جي مزدوري هڪ چانديءَ جو سڪو ٻول ڪري کين پنهنجي انگورن جي باغ ۾ موڪليائين.


عيسيٰ انهن جي بري نيت کي ڄاڻي ورتو، تنهنڪري چيائين تہ ”اي رياڪارؤ! اوهين مون کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڇو ٿا ڪريو؟


تڏهن ڪي فريسي وٽس آيا ۽ کيس آزمائڻ خاطر سوال پڇيائون تہ ”ٻڌاءِ تہ ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي پنهنجي زال کي طلاق ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“


اهي هن وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان کي خبر آهي تہ اوهين سچا آهيو ۽ ڪنهن جي پرواهہ ڪانہ ٿا ڪريو. اوهين ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي ظاهري ڏيک‌ويک تي ڌيان نہ ٿا ڏيو، بلڪ سچائيءَ سان خدا جو رستو ٿا ڏيکاريو. سو اسان کي ٻڌايو تہ رومي شهنشاهہ قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ اسان لاءِ جائز آهي يا نہ؟ اسين اُن کي ٽيڪس ڏيون يا نہ؟“


اهي چانديءَ جو سڪو وٽس کڻي آيا، تڏهن عيسيٰ پڇين تہ ”هن تي ڪنهن جي تصوير ۽ ڪنهن جو نالو اُڪريل آهي؟“ انهن جواب ڏنس تہ ”قيصر جو.“


عيسيٰ انهن جي چالاڪيءَ کي سمجھي ويو، سو کين چيائين تہ


وري ٽيون دفعو بہ هن کانئس پڇيو تہ ”اي شمعون، يوحنا جا پٽ! ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ تنهن تي پطرس کي ڏک ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هن ٽيون دفعو کانئس پڇيو هو تہ ”ڇا تون مون سان پيار ڪرين ٿو؟“ پوءِ پطرس چيس تہ ”اي خداوند! اوهان کي سڀني ڳالهين جي خبر آهي ۽ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ آءٌ اوهان سان پيار ڪريان ٿو.“ عيسيٰ چيس تہ ”پوءِ منهنجي رڍن کي وڃي چار.


انهن کيس ڦاسائڻ لاءِ ائين چيو تہ جيئن مٿس تهمت هڻڻ جو سبب ملين. پر عيسيٰ نِوڙي زمين تي پنهنجيءَ آڱر سان لکڻ لڳو.


تنهن تي پطرس کيس چيو تہ ”اها ڪهڙي ڳالهہ آهي جو تو ۽ تنهنجي مڙس گڏجي خداوند جي پاڪ روح کي آزمائڻ لاءِ ائين ڪيو؟ ڏس، جن ماڻهن تنهنجي مڙس کي دفن ڪيو آهي، سي هاڻي دروازي تي اچي پهتا آهن. اهي تو کي بہ ٻاهر کڻي ويندا.“


نڪي اسان کي مسيح کي آزمائڻ گھرجي، جيئن انهن مان ڪن آزمايو ۽ نانگن کين ڏنگي چٽ ڪري ڇڏيو.


ڪابہ خلقيل شيءِ خدا کان لڪل ڪانهي، بلڪ جنهن کي اسين حساب ڏينداسين تنهن جي نظر ۾ سڀ شيون بنا پردي ۽ کُليل آهن.


هائو، آءٌ انهيءَ عورت جي پوئلڳن کي ماري ڇڏيندس ۽ پوءِ سڀيئي ڪليسيائون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي دلين ۽ دماغن کي پرکڻ وارو آهيان ۽ آءٌ ئي اوهان مان هر هڪ کي سندس عملن جو بدلو ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ