Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 11:21 - Muslim Sindhi Bible

21 تنهن تي پطرس کي پاراتي واري ڳالهہ ياد اچي ويئي. تڏهن عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي استاد! انجير جي جنهن وڻ کي اوهان پاراتو ڏنو هو، سو سڪي ويو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 تنهن تي پطرس کي اها ڳالهہ ياد پيئي ۽ چيائينس، تہ اي اُستاد، ڏس جنهن انجير جي وڻ کي تو پِٽيو هو، سو سُڪي ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 تنهن تي پطرس کي سراپ واري ڳالهہ ياد اچي ويئي. تڏهن يسوع کي چيائين تہ ”اي گرو! انجير جي جنهن وڻ کي اوهان سراپ ڏنو هو، سو سڪي ويو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 تنھن تي پطرس کي اُھا ڳالھہ ياد پئي ۽ عيسيٰ کي چيائين تہ ”اي سائين! جنھن انجير جي وڻ کي توھان پاراتو ڏنو ھو، سو سڪي ويو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 11:21
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بدڪارن جي گھرن تي خداوند جي لعنت ٿي وسي، پر سچارن جي گھرن تي هو پنهنجيون برڪتون نازل ٿو ڪري.


هن رستي جي ڀر ۾ هڪ انجير جو وڻ ڏٺو سو وڌي اُن وڻ ڏانهن ويو. ڏٺائين تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن هئا. تنهن تي هن وڻ کي چيو تہ ”تون وري ڪڏهن بہ ميوو نہ جھليندين.“ تڏهن اهو وڻ هڪدم سڪي ويو.


هو چاهين ٿا تہ بازارن ۾ ماڻهو کين سلامي ٿين ۽ کين ’سائين، سائين‘ ڪري پڪارين.


پر اوهين ’سائين‘ نہ سڏايو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي هڪٻئي جا ڀائر ڀينر آهيو ۽ اوهان جو رڳو هڪڙو ئي سائين آهي.


پوءِ هو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اي لعنتيؤ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو ۽ وڃي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پئو، جيڪا ابليس ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي،


هوڏانهن عيسيٰ جي شاگردن کيس عرض ڪيو تہ ”اي استاد! ڪجھہ کائو.“


جيڪو خداوند عيسيٰ سان پيار نہ ٿو ڪري تنهن تي لعنت هجي. اي اسان جا خداوند! اچ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ