Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 11:17 - Muslim Sindhi Bible

17 پوءِ عيسيٰ ماڻهن کي تعليم ڏيندي چيو تہ ”پاڪ ڪلام ۾ خدا اهو فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر سڀني قومن لاءِ دعا وارو گھر سڏبو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ تعليم ڏيڻ لڳن، ۽ چيائين تہ ائين لکيل نہ آهي ڇا، تہ ”منهنجو گهر سڀني قومن لاءِ دعا جو گهر سڏبو؟“ پر اوهان انهي کي ڌاڙيلن جي پاٿاري کڻي بنايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 پوءِ يسوع ماڻهن کي سکيا ڏيندي چيو تہ ”پوِتر شاستر ۾ ايشور اهو فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر سڀني قومن لاءِ پرارٿنا وارو گھر سڏبو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 پوءِ عيسيٰ ماڻھن کي تعليم ڏني تہ ”ڇا اھو لکيل نہ آھي تہ ’منھنجو گھر سڀني قومن لاءِ عبادت جو گھر سڏبو.‘ پر اوھان ان کي ڌاڙيلن جي پاٿاري بڻايو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 11:17
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تن کي آءٌ يروشلم واري پاڪ جبل صيئون تي آڻيندس، ۽ دعا واري پنهنجي گھر ۾ کين شادمان ڪندس. انهن جون ساڙڻ واريون قربانيون، بلڪ سڀيئي قربانيون منهنجي قربان‌گاهہ تي قبول پونديون، ڇاڪاڻ تہ منهنجي هيڪل سڀني قومن لاءِ دعا جو گھر سڏبي.“


قيدار ۽ نبايوت جون سڀ رڍون ٻڪريون، قربانيءَ لاءِ تو وٽ آڻي گڏ ڪيون وينديون. اهي خداوند جي قربان‌گاهہ تي قبول پونديون. بيشڪ خداوند پنهنجي هيڪل کي وڌيڪ عظمت ۽ شان وَ شوڪت بخشيندو.


اوهين ڇا ٿا سمجھو تہ هي گھر جيڪو منهنجي نالي تي ٿو سڏجي سو چورن ۽ ڌاڙيلن جو اڏو آهي؟ اوهين جيڪي ڪجھہ ڪريو ٿا ڇا آءٌ اهو نہ ٿو ڏسان؟


اسرائيل وارا هڪ اهڙي واپاريءَ جيان آهن، جنهن جي هٿ ۾ ٺڳيءَ واري تارازي هجي، هائو، اهي سدائين ڪنهن جو حق کسڻ کي پسند ٿا ڪن.


هن ڪنهن کي بہ سامان کڻي هيڪل جي اڱڻ مان اچڻ وڃڻ نہ ڏنو.


۽ کين چيائين تہ ”پاڪ ڪلام ۾ خدا اهو فرمايو آهي تہ ’منهنجو گھر دعا وارو گھر ٿيندو،‘ پر اوهان ان کي ’ڌاڙيلن جو اڏو‘ بڻايو آهي.“


اتي هن وڃي ڏٺو تہ ماڻهو قربانيءَ لاءِ هيڪل جي اڱڻ ۾ ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون ۽ ڪبوتر وڪڻي رهيا آهن. ان کان علاوہ پئسا مَٽائي هيڪل جا سڪا ڏيڻ وارا بہ پنهنجا صندل رکيو ويٺا آهن.


ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اهي هتان کڻي وڃو. منهنجي پيءُ جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ