Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 11:13 - Muslim Sindhi Bible

13 هن پري کان هڪ انجير جو وڻ ڏٺو، جيڪو ڏاڍو سرسبز هو. انهيءَ ڪري هو اُن وڻ ۾ انجير ڳولڻ ويو تہ شايد ڪجھہ ملي سگھي. پر هو اچي ڏسي تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن آهن، ڇاڪاڻ تہ انجيرن جي مند نہ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 ۽ پري کان هڪڙو انجير جو وڻ ڏٺائين، جنهن ۾ پن هئا، ۽ اُتي آيو تہ من ڪو ڦل مليس: پر جڏهن هو اُنهي وٽ آيو، تڏهن ڏٺائين تہ پنن کانسواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين آهي؛ ڇالاءِ جو اُها انجير جي مند نہ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

13 هن پري کان هڪ انجير جو وڻ ڏٺو، جيڪو ڏاڍو سرسبز هو. انهيءَ ڪري هو اُن وڻ ۾ انجير ڳولڻ ويو تہ شايد ڪجھہ ملي سگھي. پر هو اچي ڏسي تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن آهن، ڇاڪاڻ تہ انجيرن جي مند نہ هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 ھن پري کان ھڪ انجير جو وڻ ڏٺو، جيڪو پنن سان ڍڪيل ھو. انھيءَ ڪري ھو اُن وڻ ۾ انجير ڳولڻ ويو تہ شايد ڪجھہ ملي سگھي. پر ھو اچي ڏسي تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن آھن، ڇاڪاڻ⁠تہ انجيرن جي مند نہ ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 11:13
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن ٽڪريءَ کي کيڙيو، ۽ انهيءَ جا پٿر ڪڍي زمين صاف ڪيائين. اتي هن انگورن جون عمديون وليون لڳايون، جنهن جي پهري لاءِ هن هڪ ٺُلهہ بہ ٺهرايو. هن اتي رس ڪڍڻ جو هڪڙو چيچڙو بہ بڻايو. پوءِ هو انتظار ڪرڻ لڳو تہ باغ ۾ عمدا انگور ٿين. پر انهيءَ ۾ رڳو کٽا انگور پيدا ٿيا.


اهو محبوب قادرِمطلق خداوند آهي، ۽ سندس اهو انگورن وارو باغ بني اسرائيل آهي، جنهن جون وڻندڙ وليون بني يهوداہ آهن. خداوند انصاف جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي خونريزي ئي خونريزي آهي. هن حق سچ جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي مظلومن جي دانهن ۽ ڪوڪ آهي.


هن رستي جي ڀر ۾ هڪ انجير جو وڻ ڏٺو سو وڌي اُن وڻ ڏانهن ويو. ڏٺائين تہ وڻ ۾ رڳو پن ئي پن هئا. تنهن تي هن وڻ کي چيو تہ ”تون وري ڪڏهن بہ ميوو نہ جھليندين.“ تڏهن اهو وڻ هڪدم سڪي ويو.


ٻئي ڏينهن تي جڏهن هو بيت‌عنياہ کان موٽي رهيا هئا تہ رستي تي عيسيٰ کي بک لڳي.


تنهن تي عيسيٰ انجير جي وڻ کي چيو تہ ”اڄ کان پوءِ وري ڪڏهن بہ ڪو تو مان انجير نہ لهندو.“ سندس شاگردن اهو ٻڌو.


اتفاق سان هڪڙو ڪاهن انهيءَ رستي کان پئي لنگھيو، تنهن جڏهن هن کي ڏٺو تہ پاسو ڪري هليو ويو.


سو هوءَ ويئي ۽ وڃي ٻنيءَ ۾ لابارو ڪرڻ وارن جي پٺيان رهيل سنگ ميڙڻ لڳي. اتفاق سان ٻنيءَ جو اهو ٽڪرو بوعز جو هو، جيڪو اِليملڪ جي گھراڻي مان هو.


ڌيان ڏجو، جيڪڏهن اها پنهنجي سرحد واري رستي کان بيت‌شمس شهر ڏانهن وڃي، تہ ڄاڻجو تہ بني اسرائيل جي خداوند ئي اسان تي هيءَ وڏي آفت آندي آهي، نہ تہ اسين سمجھنداسين تہ انهيءَ ۾ هن جو هٿ ڪين هو. اهو رڳو هڪڙو اتفاق هو جو اسان سان ٿيو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ