Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:37 - Muslim Sindhi Bible

37 انهن چيس تہ ”اسين چاهيون ٿا تہ جڏهن اوهين وڏي شان وَ شوڪت سان پنهنجي شاهي تخت تي ويهو تڏهن اسان کي اجازت ڏجو تہ هڪڙو اوهان جي ساڄي ۽ ٻيو اوهان جي کاٻي پاسي ويهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

37 هنن چيس تہ اسان لاءِ هيءُ ڪر، تہ تنهنجي جلال ۾ اسان مان هڪڙو تنهنجي ساڄي پاسي ۽ ٻيو تنهنجي کاٻي پاسي ويهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

37 انهن چيس تہ ”اسين چاهيون ٿا تہ جڏهن اوهين وڏي شان وَ شوڪت سان پنهنجي راجائي تخت تي ويهو تڏهن اسان کي آگيا ڏجو تہ هڪڙو اوهان جي ساڄي ۽ ٻيو اوهان جي کاٻي پاسي ويهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

37 انھن چيو تہ ”اسين چاھيون ٿا تہ جڏھن اوھين پنھنجي بادشاھت جي جلوي سان تخت تي ويھو تڏھن اوھين اسان کي اجازت ڏيو تہ ھڪڙو اوھان جي ساڄي ۽ ٻيو اوھان جي کاٻي پاسي ويھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:37
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ميڪاياہ چوڻ لڳو تہ ”هاڻ ٻڌو تہ خداوند ڇا ٿو فرمائي. مون خداوند کي سندس تخت تي ويٺل ڏٺو، آسمان جا سمورا ملائڪ ٻنهي پاسن کان سندس ڀر ۾ بيٺل هئا.


خداوند منهنجي مالڪ بادشاهہ کي هيئن فرمايو هو تہ ”آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن هيٺان ڪندس. تون منهنجي ساڄي پاسي ويٺو ڏس.“


تنهنجي درٻار جي عورتن ۾ بادشاهزاديون پڻ آهن. نج سون سان سينگاريل تنهنجي ڪنوار تنهنجي ساڄي پاسي بيٺي آهي.


عيسيٰ کين چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ايندڙ نئين زماني ۾ نئين سر بحاليءَ وقت جڏهن ابنِ آدم پنهنجي شان وَ شوڪت سان تخت تي ويهندو، تہ منهنجي پٺيان هلندڙ اوهين ٻارهن ئي ڄڻا ٻارهن تختن تي ويهندا ۽ بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا فيصلا ڪندا.


”جڏهن ابنِ آدم پنهنجي شان وَ شوڪت سان ايندو ۽ سڀ ملائڪ ساڻس گڏ هوندا، تڏهن هو بادشاهہ جي حيثيت سان پنهنجي جلال واري تخت تي ويهندو


عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين مون کان پنهنجي لاءِ ڇا ٿا ڪرائڻ گھرو؟“


انهن سان ڳالهائڻ کان پوءِ خداوند عيسيٰ آسمان ڏانهن کڄي ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


جيڪڏهن ڪو هن گمراهہ ۽ بڇڙي زماني ۾ مون کان ۽ منهنجي ڳالهين کان شرمائيندو تہ ابنِ آدم بہ ان کان شرمائيندو، جڏهن هو پنهنجي پيءُ جي جلوي ۾ پاڪ ملائڪن سان گڏ ايندو.“


ڇا مسيح لاءِ اهو ضروري نہ هو تہ هو هيئن تڪليفون سهي مري، تہ جيئن اچي پنهنجو شان وَ شوڪت ماڻي؟“


اهي انهيءَ کوجنا ۾ هئا تہ مسيح جو روح، جيڪو انهن ۾ هو تنهن ڪهڙي وقت ۽ حالتن ڏانهن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ پوءِ عظمت حاصل ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ