Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:34 - Muslim Sindhi Bible

34 اهي مٿس ٺٺوليون ڪندا، کيس ٿڪون ۽ ڪوڙا هڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا. پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ٿي اٿندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ۽ اُهي ساڻس ٺٺوليون ڪندا، ۽ مٿس ٿُڪون اُڇلائيندا، ۽ کيس چهبڪ هڻندا، ۽ قتل ڪندس، ۽ ٽن ڏينهن کانپوءِ هو جي اُٿندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

34 اهي مٿس ٺٺوليون ڪندا، کيس ٿڪون ۽ ڪوڙا هڻندا ۽ قتل ڪري ڇڏيندا. پر ٽئين ڏينهن تي هو وري جيوت ٿي اٿندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 اھي مٿس چٿرون ڪندا، کيس ٿڪون ۽ چھبڪ ھڻندا ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيندا ۽ ٽئين ڏينھن تي ھو وري جيئرو ٿي اٿندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:34
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو نفرت ڪندي مون کان پري ڀڄي ٿا بيهن، هو منهنجي منهن تي ٿڪون هڻڻ کان بہ نہ ٿا مڙن.


آءٌ تنهنجو سچار بندو آهيان، تون مون کي برزخ ۾ وڃڻ ڪين ڏيندين. هائو، تون مون کي پاتال ڏسڻ ڪين ڏيندين.


هو چيريندڙ ڦاڙيندڙ ۽ گُرڪندڙ بگھڙ وانگر، مون لاءِ پنهنجا وات ڦاڙيو ويٺا آهن.


بلڪ آءٌ تہ پنهنجي پٺي مار ڏيڻ وارن جي حوالي ٿو ڪريان، ۽ منهنجي ڏاڙهي پٽڻ وارن کي آءٌ ڪين ٿو روڪيان. آءٌ بي‌عزت ٿيڻ ۽ ٿڪون جھلڻ کان پنهنجو منهن نہ ٿو لڪايان.


هو ماڻهن ۾ حقير ۽ رد ٿيل هو. هن جي زندگي ڏکن ۽ مشڪلاتن سان اهڙي تہ ڀريل هئي، جو اسان بہ ڏانهس ڏسڻ گوارا نہ ٿي ڪيو. هن کي ڌڪاريو ويو، ۽ اسان بہ سندس ڪو قدر نہ ڪيو.


ٻن ڏينهن کان پوءِ هو اسان کي چڱو ڀلو ڪندو، ۽ ٽئين ڏينهن هو اسان کي وري اٿاري کڙو ڪندو، تان‌تہ اسين سندس آڏو زندہ رهون.


انهيءَ وقت کان وٺي عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي ظاهر ڪري ٻڌائڻ لڳو تہ ”اهو ضروري آهي جو آءٌ يروشلم وڃان ۽ اتي سردار ڪاهنن، شريعت جي عالمن ۽ يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن جون گھڻيون سختيون سهان. مون کي ماريو وڃي ۽ ٽئين ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريو وڃان.“


پوءِ هنن سندس منهن تي ٿڪون هنيون ۽ کيس ٺونشا هنيائون. ڪن وري کيس چماٽون هڻندي


۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيئرو هو تہ چوندو هو تہ ’آءٌ ٽن ڏينهن کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿندس.‘


تنهن تي وڏي سردار ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيندي چيو تہ ”بس! اسان کي وڌيڪ شاهد نہ کپن.


پوءِ انهن مان ڪي عيسيٰ کي ٿڪون هڻڻ لڳا ۽ ڪي سندس اکيون ٻڌي کيس ٺونشا هڻڻ لڳا ۽ چونس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“ پهريدارن بہ کيس چماٽون هنيون.


ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي شاگردن کي تعليم ڏيندي ٻڌايو پئي تہ ”ابنِ آدم ماڻهن جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي کيس ماريندا ۽ ٽئين ڏينهن تي هو وري جيئرو ٿي اٿندو.“


تڏهن هيروديس پنهنجي سپاهين سميت عيسيٰ تي ٺٺوليون ڪري کيس بي‌عزتو ڪيو. پوءِ هن کي شاندار وڳو پهرائي واپس پلاطس ڏانهن موڪليائون.


شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، جڏهن تہ فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت ملي.


۽ کيس چيائين تہ ”سڀڪو ماڻهو پهريائين سٺي مئي پيش ڪندو آهي ۽ جڏهن ماڻهو پي ڍءُ ڪندا آهن، تہ پوءِ سادي مئي پيش ڪندو آهي. پر تو وري سٺي مئي هن مهل تائين بچائي رکي آهي.“


پوءِ هن کي دفن ڪيو ويو ۽ ٽئين ڏينهن تي کيس وري جيئرو ڪيو ويو جيئن پاڪ ڪلام ۾ فرمايل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ