Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مرقس 10:32 - Muslim Sindhi Bible

32 عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يروشلم ڏانهن رستو وٺيو پئي ويا. ان وقت هو شاگردن جي اڳيان هلي رهيو هو. اوڏانهن ويندي سندس شاگرد ڏاڍا پريشان هئا ۽ جيڪي ماڻهو سندن پٺيان پئي آيا سي ڊنل هئا. سو هڪ دفعو وري عيسيٰ ٻارهن ئي شاگردن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالهيون ساڻس ٿيڻيون هيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 پوءِ هو يروشلم ڏانهن رستو وٺيو پئي ويا، ۽ يسوع سندن اڳيان پئي ويو: ۽ اُهي عجب ۾ هئا؛ ۽ جيڪي سندن پٺيان پئي آيا سي ڊنا پئي، ۽ هو وري بہ انهن ٻارهن کي وٺي جيڪي ڳالهيون ساڻس ٿيڻيون هيون، سي ٻڌائڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

32 يسوع ۽ سندس چيلا يروشلم ڏانهن رستو وٺيو پئي ويا. ان وقت هو چيلن جي اڳيان هلي رهيو هو. اوڏانهن ويندي سندس چيلا ڏاڍا پريشان هئا ۽ جيڪي ماڻهو سندن پٺيان پئي آيا سي ڊنل هئا. سو هڪ دفعو وري يسوع پنهنجي ٻارهن ئي سنتن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالهيون ساڻس ٿيڻيون هيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 عيسيٰ ۽ سندس شاگرد يروشلم ڏانھن رستو وٺيو پئي ويا ۽ ھو شاگردن جي اڳيان ھلي رھيو ھو. سندس شاگرد ڏاڍا پريشان ھئا ۽ جيڪي ماڻھو سندن پٺيان پئي آيا سي وري ڊنل ھئا. سو ھڪ دفعو وري عيسيٰ ٻارھن ئي شاگردن کي ھڪ پاسي وٺي ويو ۽ جيڪي ڳالھيون ساڻس ٿيڻيون ھيون سي سڀ کين ٻڌائڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مرقس 10:32
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي اي سردار ڪاهن يشوع! تون ۽ تنهنجا ماتحت ڪاهن، جيڪي تنهنجي نگرانيءَ ۾ خدمت ڪندا آهن سي ٻڌو. اوهان جي ڪاهن طور بحالي اچڻ وارين برڪتن جي نشاني آهي تہ آءٌ پنهنجي چونڊيل هڪڙي ٻانهي کي بادشاهہ بڻائڻ وارو آهيان جنهن کي نئون ڦٽندڙ سلو سڏيو ويندو.


انهيءَ وقت عيسيٰ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.


عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوهان کي تہ آسمان جي بادشاهيءَ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي پر انهن کي نہ،


تنهن تي سڀ ماڻهو ايترو تہ حيران ٿي ويا جو هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي آهي ڇا؟ هيءَ تہ نئين تعليم آهي. هيءَ تہ وڏي اختياري آهي. هو ڀوتن کي بہ حڪم ٿو ڏئي ۽ اهي کيس مڃين ٿا.“


هو ماڻهن سان مثالن کان سواءِ نہ ڳالهائيندو هو، پر جڏهن شاگردن سان اڪيلائپ ۾ هوندو هو تہ کين سڀني ڳالهين جو مطلب سمجھائيندو هو.


پوءِ عيسيٰ شاگردن ڏانهن ڦري انهن کي اڪيلائيءَ ۾ چيو تہ ”سڀاڳا آهيو اوهين جو هي سڀ ڪجھہ ڏسو ٿا پيا.


اهي ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ عيسيٰ يروشلم ڏانهن اڳتي وڌڻ لڳو.


جڏهن عيسيٰ جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجھا ٿيا، تڏهن هن يروشلم ڏانهن رخ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو.


تنهن تي توما جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، تنهن پنهنجي ساٿي شاگردن کي چيو تہ ”اچو تہ اسين بہ هلون تہ جيئن هن سان گڏ هلي مرون.“


تنهن تي شاگردن چيس تہ ”اي استاد! اڃا تازو ئي ماڻهو اوهان کي سنگسار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ۽ اوهين وري اوڏانهن ٿا هلو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ